ملڪ ۾ ٿڌ وڌي وئي آھي پر سياسي ميدان ۾ جاري گرمي پد اڃان گھٽ نھ ٿيو آھي.بي يقيني واري سياسي صورتحال ڪئين ٻين بحرانن کي جنم ڏئي رھي آھي.ٻئي پاسي ملڪ ۾ اقتدار جي واڳ سنڀاليندڙ ۽ اپوزيشن جي وڏي جماعت وچ ۾ فيبروري وارين چونڊن کان هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿيندي نظر نھ پئي اچي. ان وچ ۾ صرف ھڪ سٺي خبر آئي آھي تھ ڌريون پاڻ ۾ معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ٽيبل تي ويھڻ لاءِ متفق ٿيون آھن ۽ ڳالھين جا دور جاري آھي.جيڪڏھن ڌرين جي ان ڇڪتاڻ جي ٻين پاسن کي ڏسجي تھ ڪي پي ڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ ۽ ملڪ ۾ ھڪ عرصي کان عقيدين جي بنيادن تي ماڻھن ۾ پوکيل نفرت ايتري وڌي وڻ ٿي وئي آھي جو ھاڻي اھا نفرت واري باھ سڄي ملڪ کي ساڙي رھي آھي.
لڳ ڀڳ 80 کان 90 ڏينھن ٿيندا جو ڪي پي ڪي جي علائقي پاراچنار ۾ ٻن ڌرين ۾ جاري جنگ سبب اتي جا رستا بند آھن،جنھن ڪري جڏھن دنيا جي ميڊيا ۾ اتي جي اسپتال تائين دوائن جي سيمت ٻين سھولتن جي کوٽ پئدا ٿيڻ ۽ معصوم ٻارڙن جي موت ٿيڻ بابت رپورٽن اچڻ بعد وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪنھن قدر ڌيان ڏيڻ جي زحمت ڪئي آھي.
وڙھندڙقبيلن وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٿيل گرينڊ جرڳي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن ڪوهاٽ قلعي ۾ ٿيل گرينڊ امن جرگيءَ ۾ پارٽين وچ ۾ معاهدو تقريباً طئي ٿي ويو آهي.تجويز ڪيل معاهدي موجب ٻنهي ڌرين حڪومت وٽ ڳرا هٿيار جمع ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ اڳواڻن دستخط ڪري ڇڏيا آهن، باقي بھ ڪجهه ماڻهو دستخط ڪندا جڏهن ته جرڳي ۾ نبيري جو جلد ئي حتمي اعلان ڪيو ويندو.پارا چنار پشاور مين هاءِ وي ۽ اپر ڪرم روڊ اڍائي مهينن کان بند آهي ۽ اپر ڪرم کي هر قسم جي سپلاءِ معطل آهي.تعلقي چيئرمين آغا مزمل جو چوڻ آهي ته علاج نه ٿيڻ سبب 123 ٻارڙن جو فوت ٿيڻ حڪومت لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.ڪرم ۾ ضروري سامان جي کوٽ آهي، هوٽلون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروباري مرڪز 3 هفتن کان مڪمل بند آهن.
پاراچنار ۾ بگڙجندڙ صورتحال خلاف ڪرم پريس ڪلب تي ڏھن ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته شهر ۾ پنجن ٻين هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن. ڪراچي ۾ به پارا چنار جي صورتحال سبب مختلف علائقن ۾ ڌرڻا جاري آهن، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي رهي آهي، ڌرڻن سبب روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ پوليس متبادل رستا اختيار ڪري ورتا آهن. .
ڪرم ضلعي ۾ روڊن جي بندش سبب معمول جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، پاراچنار جا شهري ڏھن ڏينهن کان سخت سرد موسم ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن.ڪرم ضلعي جي شهرين کي آمد و رفت ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ترجمان وزيراعليٰ هائوس جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران هيلي ڪاپٽر ذريعي متاثر علائقن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جاري آهي، جڏهن ته ڪرم ضلعي جو زميني رستو کولڻ تائين هيلي ڪاپٽر سروس جاري رهندي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪرم جي مسئلي جو جلد پرامن حل ڪڍيو ويندو ۽ اتي زندگي معمول تي اچي ويندي.
جڏھن تھ مجلس وحدت المسلمين پاران پارا چنار ۾ مارجي ويلن خلاف ڪراچي ۾ جاري ڌرڻو شهر جي مختلف علائقن تائين وڌايو ويو آھي.جنھن سبب ڪيترائي اهم روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي.شارع فيصل، ملير 15، مين نيشنل هاءِ وي، يونيورسٽي روڊ،ناظم آباد، سرجاني ٽائون، سهراب ڳوٺ ۽ گلستان جوهر ۾ به ڌرڻا هنيا ويا.مجلس وحدت مسلمين جي مرڪزي اڳواڻ علامه حسن ظفر نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاراچنار ۾ گذريل 90 ڏينهن کان روڊ رستا بند آهن، جنهن سبب ضروري شين ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ھن جو چوڻ ھو تھ ڌرڻن سبب ڪو به مسئلو آهي ته ان کي حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.علامه حسن ظفر نقوي سوال اٿاريو ته ڇا شهباز شريف رڳو اسلام آباد ۽ لاهور جو وزيراعظم آهي؟ هن چيو ته پارا چنار جي حڪومت رڳو خيبرپختونخواهه جي صورتحال جي ذميوار نھ آھي وفاقي حڪومت تي بھ ان جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.
گذريل مهيني ڪرم ايجنسي ۾ مسافر بس تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪافي ماڻھن جي مارجي وڃڻ بعد صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ھئي.ان واقعي کانپوءِ ڪرم ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ جاري رھي آھي، ان کان اڳ آگسٽ ۾ به اهڙن واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن بعد ڪرم ايجنسي جي ڪيترن ئي هنڌن تي روڊ بند ٿي ويا ھئا.
ھن سموري معاملي ۾ افسوس وارو پھلو ھي آھي تھ ڪي پي ڪي، جي پي ٽي آءِ حڪومت وفاق خلاف احتجاج ڪرڻ ۾ پوري رھي آھي ۽ وفاقي حڪومت وري ان کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙڻ ۾ رڌل رھي آھي.جنھن ڪري ھن اھم ۽ حساس معاملي ڏانھن ڪنھن بھ ڌر گھربل ڌيان نھ ڏنو. جيتوڻيڪ ھي ھڪ نج انساني حقن جو معاملو آھي.جنھن کي ڪنھن بھ ريت نظر انداز ڪرڻ ممڪن ئي نھ ھو.پر ٻنھي حڪومتن جي اھڙي روش سبب پاراچنار ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون ۽ جڏھن سمورا رستا بند ٿي ويا، ھڪ ڌر ٻي ڌر جي خوف سبب قتل ٿيل ماڻھن جا لاش کڻي بھ نھ سگھي تڏھن دنيا جي ميڊيا ان تي گھڻي واويلا ڪئي، جنھن کانپوءِ اسان جي حڪومتن ان پاسي ڏانھن غور ڪرڻ جي زحمت گوارا ڪئي.اھڙي انساني حياتين جي الميي ٿيڻ بعد اھو بھ سوال اڀري ٿو تھ ڪي پي ڪي، جي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت جي رٽ ڪٿي آھي ؟ ھي تھ رياست اندر رياست قائم ٿيڻ جو ھڪ انتھائي افسوسناڪ پاسو آھي جنھن تي اڃان بھ غور نھ ڪيو ويو تھ پوءِ تھ گھڻو ڪجھ ٻنھي حڪومتن جي ھٿن مان نڪري ويندو.ملڪ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجن بعد خبرن اچي رھيون آھن تھ جرڳو ڪاميابي طرف وڌي رھيو آھي ٿيڻ تھ ائين گھرجي جو ٻنھي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي اھڙي ڪوتاھين جي جاچ ۽ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڪا عدالتي ڪمشن جڙڻ گھرجي .