ڄامشورو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مون کي خوشي ٿي رهي آهي جو منهنجي تڪ جي ٻن نياڻين پوزيشن ماڻي آهي، جن پ پ چيئرمين کان ميڊلز ورتا آهن، جن جي والدين کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. هن چيو ته ڪانووڪيشن ۾ ڊگريون وٺندڙ اميدوارن ۽ اسڪالرن کي مبارڪون آهن، اميد ته هو پنهنجي فيلڊ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا. هن چيو ته دنيا ۾ ڪابه شي ناممڪن ناهي، رڳو محنت جي ضرورت آهي، ناڪامي کي هارائڻ لاءِ پاڻ کي مضبوط بڻائي اڳتي وڌڻ گهرجي.