اينڪر آفتاب اقبال دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيڻ بعد آزاد

اسلام آباد/نيو يارڪ (منصور علي خان/عمر چيما/م ڊ) سينيئر اينڪر آفتاب اقبال کي دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس ڇڏيو ويو. آفتاب اقبال دبئي مان يوٽيوب چينل هلائيندو هو. عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ مٿس پابنديون لڳيون هيون جنهن کانپوءِ هو هتان هليو ويو هو. آفتاب اقبال ايئرپورٽ تي زال سان گڏ هو، کيس اميگريشن آفيس طلب ڪيو ويو جتان هو لاپتا ٿي ويو هو. دبئي جي اختيارين سندس گرفتاري کان انڪار ڪيو. سندس انٽرپول پاران  گرفتاري جي حوالي سان به تصديق ناهي ٿي. ان حوالي سان پاڪستاني سفارتخاني به حوالي سان ڪا تصديق ناهي ڪئي. سندس ويجهن ساٿين موجب کيس ڇڏيو ويو آهي ۽ هو گهر پهچي چڪو آهي پر کيس روڪيو ڇو ويو هو ۽ ڇا معاملو هيو ان بابت رڳو اڳڪٿيون ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به سرڪاري طور تي ڪا ڄاڻ ناهي ڏني. ٻئي پاسي عمران رياض بابت چيو پيو وڃي ته ساڻس ڪالهه کان ڪو رابطو ناهي ٿي رهيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 24 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.