ڇا ڪئنال هوا سان ڀريندا؟ نوڪرين ۾ عدالت رڪاوٽ آهي: وڏو وزير

نئون ديرو(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڏي وزير ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي انتظامن جو جائزو ورتو، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  مان سياسي شاگرد هجڻ جي ناتي چوان ٿو ته جيڪي به اختلاف هوندا آهن اهي ڳالهين ذريعي ختم ٿي ويندا آهن، پر پي ٽي آءِ وارن هڪ شخص لاءِ پوري ملڪ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو، پر سٺو ٿيو ته انهن سوچيو ته ڳالهيون ڪرڻيون آهن، سياسي طريقي سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، هن چيو ته پاڻي جي منصوبن لاءِ آئين ۾ واضح لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي اختلاف آهي ته ويهي ڳالهيون ڪجن، ڪئنال ان ڪري نه ٺهندا جو سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي نه آهي،  اسان جو ڪالاباغ ڊيم تي به اهو ئي اعتراض هو ته توهان ڊيم ڀلي ٺاهيو پر ان کي ڀريندا ڇا سان؟ هوا سان ته ڊيم نه ڀربو آهي، اسان کي سڀ کان پهريان ته پاڻي جي بچت کي ڏسڻو پوندو ان تي سنڌ حڪومت جيترو ڪم ڪنهن نه ڪيو آهي، اسان لائينگ تي ڪيترا منصوبا جوڙيا آهن، صدر آصف علي زرداري جي پهرين ترجيح آهي ته اسان پلاننگ ڪيون ته جيئن اسان پاڻي بچائي سگهون جهڙي طرح سان آبادي وڌي رهي آهي ان حساب سان وڌيڪ پوکائي ڪرڻي آهي، وڏي وزير چيو ته گذريل دور ۾ هڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون ڏنيون پر ڪجھه ماڻهو ڪورٽن ۾ ويا ۽ ڪورٽن خبر ناهي ڇا سمجهيو اهي رد ڪرائي ڇڏيون ۽ اسان جي ٻيهر حڪومت اچڻ جي ستن مهينن تائين ڪورٽن ۾ ڦاٿل رهيا ۽ هاڻ ڪورٽن مان ڪليئر ٿي ويا آهن. مان ته ڪورٽن ۾ چيو هو ته مان ٻيهر ڀرتيون ٿو ڪريان پر اها ڳالهه به نه ٻڌي وئي هئي، انشاالله ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو، امن امان جي صورتحال پهريان کان ڪجھه بهتر ٿي آهي، اسان 8 مهينن بعد ٻيهر حڪومت سنڀالي ته ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ حالتون وڌيڪ خراب هيون ۽ انهن جو اثر لاڙڪاڻي سميت ٻين ضلعن تي پئجي رهيو هو، شڪارپور ضلعي اندر اسان ڌاڙيلن جي گهر تائين وياسين ڪيترن کي جهنم موڪلي ڇڏيو، ڌاڙِيلن کان خالي ڪرايل علائقن ۾ تعميراتي ڪم ڪرائينداسين، ڪٿي اسڪول، اسپتال، روڊن سميت جيڪي به مسئلا آهن ان تي حڪومت ڪم رهي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪيش چاولا، ايم پي اي جميل سومرو، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ٻِيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.