اسلام آباد (عمر چيما) صحافي منصور علي خان سان ڪو پروڊيوسر ڪم ڪندو هو جيڪو هاڻي مٿس الزام هڻي رهيو آهي ته منصور علي خان ته چوندو هو ته هو ڪنهن جي انٽرويو مان ڪو سوال ناهي ڪٽرائيندو پر هن مريم نواز جي انٽرويو مان سوال ڪٽرايو هو، کانئس سوال ڪيو وڃي ته وٽس ليڪسس 360 گاڏي ڪٿان آئي؟ مريم نواز جي انٽرويو مان جيڪو سوال منصور علي خان ڪاٽيو هو ان جي وڊيو به يا ته ان ساڳئي پروڊيوسر يا ڪنهن ٻئي ليڪ ڪئي هئي. هاڻي اهو پروڊيوسر منصور علي خان جي ٽيم ۾ ناهي ته شايد هو شوشا ڇڏي رهيو آهي ۽ ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رهيو آهي ڇو ته پروڊيوسر جون اهي ڳالهيون اجايون آهن. مريم نواز جي جيڪا ڪلپ وائرل ڪئي وئي ان ۾ رڳو کانئس هڪ گاڏي بابت سوال ڪيو ويو هو ۽ مريم نواز چيو هو ته اتي انٽرويو کي روڪيو ته مان رڪارڊ مان ڏسي ٻڌائينديس. ان ۾ ڪا وڏي ڳالهه ناهي جيڏو شوشو ڇڏيو ٿو وڃي. مريم نواز به جائز ڳالهه ڪئي ۽ انٽرويو مان سوال ڪڍڻ به ٺيڪ هيو. منصور علي خان وٽ جيڪڏهن ليڪسس گاڏي آهي ته اهو خيال رهي ته سندس ڪمائي به ايتري آهي جو هو اهڙي گاڏي خريد ڪري سگهي ٿو.