ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه ٿر اسلام ڪوٽ جي مقامي ماڻهن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته اسلام ڪوٽ جي مقامي رهواسين جي مطالبن تي فوري عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته خانگي ڪمپنيون روزگار جي حوالي سان پهرين ترجيح مقامي ماڻهن کي ڏين. پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويندا. توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته خانگي ڪمپنيون حڪومت سان ڪيل معاهدن تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين ۽ جيڪي ڪمپنيون معاهدن جي خلاف ورزي ڪنديون، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ناصر حسين شاهه مقامي ماڻهن کي يقين ڏياريندي چيو ته ٿر ڪول منصوبن مان ڪنهن به مقامي شخص کي بيروزگار نه ڪيو ويندو.