ميرپوربٺورو ( ن ع آ ) ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ احمد خان زئور ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراهي اجلاس رھبر ڪميٽي جي سربراھه اسلم خيرپوري جي صدارت هيٺ سنڌ ھائوس ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي 121هين سالگرھه ڀرپور نموني سن ۾ ملهائي ويندي. سڄي سنڌي قوم کي سنڌ جي هن قومي ڏينهن تي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي، اجلاس ۾ گلشن حديد ڪراچي ۾ قتل ٿيل زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڇهن نون ڪئنالن جي ايجنڊا پنجاب پاران سنڌو نديءَ تي قبضي واري سازش جو حصو آهي، نوان ڪئنال ٺهڻ سان هڪ پاسي سنڌ ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿي ويندي ته ٻئي پاسي سنڌو درياهه پنهنجو درياھي وجود وڃائي ويهندو.، درياهھ جي تباهي سان ماحولياتي، زميني، موسمياتي ۽ حياتياتي تباهيون پيدا ٿينديون، جيڪا هن سموري خطي جي تباهي هوندي. جنهن کان بچاءَ لاءِ درياهھ کي بچائڻ لازمي آهي. درياهي وجود کي بچائڻ لاءِ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران تاريخي جدوجهد ڪئي ويندي.