ملير (ڊ ر) بحريا ٽائون ڪيس جي ٻڌڻي، جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ڪراچي سينٽرل جيل اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي 8 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪورٽ کان ٻاهر ايندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار درياهھ جي پاڻي جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان سنڌ مڪمل تباھه ٿي ويندي، تنهن ڪري درياھه کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم کي سُجاڳ ٿيڻو پوندو، جدوجهد ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو وجود بچائي نه سگهنداسين، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌ ۾ لاقانونيت ،بدامني ،انڌير راڄ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ قانون ناهي، انصاف ناهي، ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، اغوا ٿي رهيا آهن، رستي ويندي ماڻهو ڦريا وڃن ٿا، ماڻهو پنهنجي ڪاروبار جي دوڪان تي محفوظ ناهي، گهرن ۾ محفوظ ناهي سڄي سنڌ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي، هن چيو ته ڪراچي گلشن حديد جي اربع بازار ۾ قتل ٿيل نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي جيڪا پوليس جي نظام جي ڪمزوري آهي،