اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته يونين ٺاهڻ شاگردن جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي. اسلامي جمعيت طلبا جي 78هين يومِ تاسيس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسلامي جمعيت جي شاگردن حقن ۽ اسلامي تعليمي نظام لاءِ جدوجهد ڪئي. جمعيت ملڪ ۾ طبقاتي تعليمي جي نظام جي خاتمي لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هن حڪومت کان فوري طور تي شاگرد يونين جي بحالي جو مطالبو ڪيو.