سنڌو درياهه ڪروڙين انسانن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي:قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي  گذريو، اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين انجنيئر گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي ، نثار ڪيريو ، هوت خان گاڏهي ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري ،امتياز سمون ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ، حيدر ملاح ،عاشق سولنگي، گوتم چنا، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، خدابخش درس، ڄام شوڪت ابڙو ، ، خير محمد مگسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف ھلندڙ احتجاجي تحريڪ جو جائزو ورتو ويو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. 18 ڊسمبر تي هڙتال جي سڏ تي ڏنل سنڌ جي موٽ تي عوام جا ٿورا مڃيا ويا ۽ ان کي سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف عوامي ريفرينڊم قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءِ کي بچائڻ جي لاءِ جاڳرتا مهم جي هلائي ويندي جنهن سلسلي ۾ 7 جنوري کان 12 فيبروري تائين سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪيا ويندا.  هن چيو ته سنڌو درياهه  نه صرف هڪ عظيم تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي تاريخ رکندڙ آهي پر هي سنڌ کي سرسبز شاداب ۽ ڪروڙين انسانن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي سُڪائڻ جي سازش سان سنڌ جا ڇهه ڪروڙ انسان متاثر ٿيندا ۽ سڄي سنڌ ريگستان جو ڏيک ڏيندي. عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي به هن مسئلي تي آواز اٿارڻ گهرجي، هن  چيو ته جيستائين هن ملڪ ۾ ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ بند نه ڪيو ويو ۽ برابري جي بنياد تي حق نه ڏنا ويندا تيستائين ملڪ عدم استحڪام جو شڪار رهندو. انڪري هاڻي حڪمرانن کي هوش سنڀالڻ گهرجي ملڪ هاڻي وڌيڪ تجربن جي سگھه نٿو رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.