ميھڙ ( ن ع آ ) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي سڏ پنڌ تي تعلقي اسپتال ميھڙ جي مک گيٽ اڳيان وچ شھر ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ميھڙ ڀرسان پپري لڳ ڳوٺ مگسي جو رھواسي 50 ورھين جو محمد عالم مگسي مارجي ويو ھٿياربند واقعي بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا فائرنگ سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ تائين پورھيت واقعي واري ھنڌ تڙپندو رھيو ۽ لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيو اطلاع بعد پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي مقتول جي ڀاءَ غلام حسين مگسي ٻڌايو ته ھي شھر سامان وٺڻ آيو ھو جوابدار بچل کوسو ، قربان کوسو ۽ ٻين ھٿياربندن سرعام وچ شھر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي ھنن چيو ته کوسا برادري سان اسان جي سئوٽن جي پراڻي دشمني ھلندڙ ھئي کوسا برادري جي ماڻھن بيگناهه اسان جي ھمراهه کي دشمني ڄاڻائي بيدردي سان وچ شھر ۾ قتل ڪيو آھي ھنن چيو ته قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ميھڙ پوليس موجب ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آھي کوسا ۽ مگسي برادري جو 2015 کان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي جڏھن ته ڌرين جا ھن وقت تائين 3 ماڻھو مارجي ويا آھن .