اسلام آباد (عمر چيما) جنرل آصف غفور ڊي جي آءِ ايس پي آر جي طور تي وڏي شهرت ماڻي هئي. هن ڊان ليڪس جي حوالي سان هڪ رپورٽ تي رجيڪٽڊ جو ٽوئيٽ ڪيو هو، اهڙو ٽوئيٽ تڪراري بڻيو ۽ ان کانپوءِ اهو علامت بڻجي ويو. سندس دور ۾ ميڊيا ادارن لاءِ تمام گهڻيون هدايتون اينديون رهنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته غير سياسي ڳالهين کي به ختم ڪرايو ويندو هو ۽ دٻاءُ وڌو ويندو هو. ان دوران منهنجا 12 ٽويٽ ڊليٽ ڪرائڻ جو حڪم اچي ويو. اهي ٽويٽ بنا هيش ٽيگ جا هئا ۽ انهن ۾ رڳو 12 شعر لکيل هئا. پيغام پهچائيندڙ کان مان پڇيو ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي، مان ته ڪنهن جو ذڪر ئي ناهي ڪيو. جواب آيو ته اوهان جي ٽويٽ تي ماڻهن جا جيڪي جواب اچي رهيا آهن اهي سمجهي رهيا آهن ته اوهان ڇا چئي رهيا آهيو. اهو وقت اڄ کان وڌيڪ سخت هو. جنرل آصف غفور پي ٽي آءِ پراجيڪٽ جو وڏو سرگرم رڪن هو. کيس ڪوئيٽا ڪور ڪمانڊر بڻايو، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ صدر طور ڪم ڪندو رهيو ۽ هاڻي 22 ڊسمبر تي رٽائر ٿيو آهي ۽ گهر هليو ويو آهي. اميد آهي ته هو جيڪي ڪم ڪندو رهيو آهي ان مان هن ڪجهه سکيو هوندو. ڀلي کڻي هو رٽائر ٿي ويو پر سندس ڪم ضرور ياد رکيا ويندا.