ڄامشورو : ڪانووڪيشن جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، پوليس توڙي رينجرز جي وڏي نفري مختلف رستن تي مقرر ڪئي وئي هئي، سنڌ يونيورسٽي طرف ايندڙ سمورن رستن کي عام ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو هو، ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ اميدوارن جا سمورا گهربل ڪاغذ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ کين ڪانووڪيشن واري سينٽر طرف ڇڏيو پئي ويو، واضح رهي ته ڪانووڪيشن جي ٻئي ڏينهن سڀاڻي 24 ڊسمبر تي باقي بيچز 2021، 2022 ۽ 2023 جا بيچلرز ۽ ماسٽرز ڊگري پروگرام جا اميدوار پنهنجون ڊگريون حاصل ڪندا.