بلاول 674 شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون

ڄامشورو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ يونيورسٽي پهچي 2.45 ميگاواٽ جي سولر سسٽم واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هن مادر علمي جي ڌرتي تي نم جو ٻوٽو لڳائي سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي ڪانووڪيشن ۾ شريڪ ٿي پي ايڇ ڊي، ايم فل، ماسٽرس ۽ بيچلرز ڊگري پروگرام جي سال 2019ع کان سال 2023ع تائين جي 674 اميدوارن ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون. ٻن ڏينهن وارو تعليمي ڪانووڪيشن شهيد بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيو ڪانووڪيشن جي پهرين ڏينهن تي مهمان خاص پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 674  شاگردن ۽ اسڪالرن کي ڊگريون ڏنيون. ڊگري حاصل ڪندڙن ۾ 374 بيچلرز، 50 ماسٽرز، 114 ايم فل ۽ 134 پي ايڇ ڊي جا اميدوار شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.