اسلام آباد وارا انٽرنيٽ کان ڊڄن ٿا پر ڊجيٽل حقن لاءِ وڙهنداسين: بلاول

ڄامشورو(رپورٽ : صدر الدين جوڻيجو ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماضي ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻي به سينسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهي ڊڄن ٿا ته ڪٿي اوهان متحد ٿي سوشل ميڊيا تي سندن خلاف نه ڳالهايو، انٽر نيٽ جي سست رفتاري سبب نوجوان پريشان آهن، اسلام آباد ۾ ويٺل پوڙهن ۽ سياستدانن  کي ڪا ڳڻتي ناهي، اسان کي ڊجيٽل آف رائيٽس لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، انڪري نوجوان ڊجيٽل حقن بابت بل لاءِ تجويزون ڏين، آئون ايوان ۾ اوهان جو آواز بڻجندس، ڪالهه سنڌ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪو وقت هو جڏهن مان به اوهان جيان ڊگري وٺڻ لاءِ ويٺو هئس، اوهان کي ڏسي مون کي پنهنجو وقت ياد اچي ويو آهي، منهنجي امڙ چونڊ مهم ۾ مصروف هجڻ ڪري ڊگري وٺڻ وقت اچي نه سگهي هئي پر مون کي ڊگري وٺڻ دوران تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي هئي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هتان ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ نوجوان پنهنجي زندگي جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، اميد ڪجي ٿي ته هو پنهنجي فيلڊ ۾ پاڻ مڃائيندا، ڇاڪاڻ ته تعليم ئي دنيا جي ڪنهن به طاقت کي هارائي سگهي ٿي، زندگي ۾ ڪابه شئي وڃائي سگهجي ٿي پر اوهان تعليم نٿا وڃائي سگهو، هن چيو ته جيئن اوهان محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ڊگريون ماڻيون، ان ئي نموني سان عملي زندگي ۾ ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان ملڪ جو مستقبل آهيو، نوجوان ملڪ جي اڪثريت آهن، جن وٽ ملڪ جو مستقبل آهي، ملڪ جي معاشي ترقي ۾ به نوجوانن جو اهم ڪردار آهي، اسان کي پنهنجي وڏڙن جيان مسئلن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ بهتر مستقبل جو بندوبست ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ موسمي تبديلي وڏو مسئلو آهي، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ به وڏو خطرناڪ ثابت ٿيندو، ڪجهه وقت اڳ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ روز جي بنياد تي ان حوالي سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا به تيار ناهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي تيار رهڻو پوندو، هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، جڏهن ته ان لاءِ گلگت بلتستان کان ويندي سنڌ تائين سمورن ماڻهن کي تيار رهڻو پوندو، بلاول ڀٽو چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو نظام جوڙيو وڃي ان تي ڌيان ڏنو وڃي، هن وقت پاڻي جي جيڪا صورتحال آهي، ان تي سوچيو وڃي، ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن طرف به ڏٺو وڃي پوءِ 6 کان 7 نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو ڪيو وڃي، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پراڻا طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، مهانگي اگهه تي ٻاهريان بجلي گهرائي پئي وڃي، چون ٿا ته لاهور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي، پر جڏهن اهي ڄامشورو، لاڙڪاڻو، حيدرآباد طرف اچن ته کين ڏيکاريون ته اسان وٽ اڃا لوڊشيڊنگ آهي، موسمي تبديلين جي حوالي سان به اهو تمام وڏو مذاق آهي جو اهي چون ٿا ته سولر يا ڪوئلي تي بجلي پيدا نه ڪريو ڇاڪاڻ ته اسان ٻاهريان مهانگي اگهه تي بجلي خريد ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ اوهانکي به اسان سان گڏ ويهي ملڪ جي مستقبل، پاليسي، سياست ۽ فيصلن بابت سوچڻو پوندو، ان کانپوءِ فرق محسوس ٿيندو، هن چيو ته اسان معدني وسيلن سان مالا مال آهيون، ڪوئلي جو وڏو ذخيرو موجود آهي، سنڌ ۾ سج جي به کوٽ ناهي، جهمپير ۾ ونڊ پاور تي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اسان ته سڄي ملڪ کي گهٽ اگهه تي بجلي ڏئي سگهون ٿا ۽ لوڊشيڊنگ جو به خاتمو آڻي سگهون ٿا ۽ ان سان گڏ موسمي تببيلين جو مقابلو ڪري سگهون ٿا ۽ اوهان سان گڏجي ئي ان اشو کي اٿاري سگهون ٿا، اهو قدم ملڪ ۽ ايندڙ نسل لاءِ انتهائي اهم آهي، بلاول ڀٽو چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) ٺاهڻ وارا 60 کان 70 سال جا بزرگ آهن آهن، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهي ايندڙ 10 سالن جي باري ۾ سوچي رهيا آهن؟، هو ايئن سوچي نه ٿا سگهن، اهي صرف ايندڙ بجيٽ جي انگ اکر موجب منصوبا ٺاهيندا آهن ته جيئن بجيٽ خرچ ٿي سگهي، جڏهن شاگرد فيصلا سازي ۾ ايندا ته صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي، اسان اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ۽ موسمياتي تبديلي جو به مقابلو ڪري سگهنداسين، هن چيو ته مون کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي، ريلوي، ايئرپورٽ، موٽر وي، هاءِ وي سڀ ٺهيل آهن، اڄ جي دور ۾ گرين انفراسٽرڪچر ضروري آهي، فائبر آپٽڪ ڪيبل ۽ وائرليس انٽرنيٽ اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل آهي، بلاول ڀٽو چيو ته ماضي وانگر اڄ به سينسرشپ موجود آهي، اڄ به اهو خدشو آهي ته انٽرنيٽ تي عوام آواز نه اٿاري، اڄ جي جديد دنيا ۾ اسان سڀني کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، جيئن ماضيءَ ۾ اسان جي بزرگن پنهنجي دور ۾ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو، شهيد بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ شاگردن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو شاگرد يونين تي اڄ به پابندي آهي، هي ماڻهو اوهان کان ڊڄن ٿا، اسان کي پنهنجي ڊجيٽل حقن لاءِ وڙهڻو پوندو، اسلام آباد ۾ ويٺل بزرگن ۽ بابوئن کي انٽرنيٽ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، هي ماڻهو انٽرنيٽ استعمال نٿا ڪن، پر اسان جو ۽ توهان جو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي، اهو اسان جو جمهوري حق آهي ان لاءِ وڙهنداسين، اڄ جي دنيا ۾ سستو ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي انٽرنيٽ رسائي هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي، توهان سڀ ساگرد مون کي انسٽاگرام، فيس بڪ، ايڪس تي تجويزون ڏيو، انشاءَ الله آئون توهان جا مطالبا کڻي اسلام آباد ويندس.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.