اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمرا اجلاس پارليامينٽ جي ڪميٽي روم نمبر پنج ۾ ٿيو، اجلاس بعد سينيٽر عرفان صديقي اجلاس جي پڌرائي پڙهي ٻڌائي، پڌرائي موجب، پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين جي پهرين ويهڪ ٿي، جنهن ۾ حڪومت طرفان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عليم خان، خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار شريڪ ٿيا، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان ٽن ميمبرن اسد قيصر، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس ڳالهين ۾ حصو ورتو، جڏهن ته چار ميمبر عدالت ۾ حاضرين ۽ پرڏيهه ۾ هجڻ سبب اچي نه سگهيا، جن ۾ علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجا، عمر ايوب ۽ حامد خان شامل آهن، پڌرائي موجب، ٻنهي ڪميٽين طرفان ڳالهين کي هاڪاري عمل قرار ڏنو ويو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ مسئلن جي حل جو اهم فورم آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي ڪميٽي شروعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ لکت ۾ مطالبا پيش ڪندي، اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻنهي ڪميٽين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو، ذريعن موجب اجلاس دوران اسحاق ڊار شڪايت ڪئي ته حڪومت جڏهن به ڳالهين جي ڳالهه ڪندي آهي ته ٻئي طرف کان ٽوئٽ اچي ويندا آهن، جنهن تي اسد قيصر اتفاق ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ان معاملي تي تفصيلي بحث ٿيو آهي، ان عمل جي مذمت به ڪئي وئي، ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڳالهين دوران ڪجهه ماضي ۽ ڪجهه حال جون ڳالهيون ٿيون، ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، ملڪ جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيندا، اپوزيشن جا ڪجهه ميمبر اڄ نه اچي سگهيا، جنهن سبب مطالبا پيش نه ٿي سگهيا، 2 جنوري تي ٻيهر اجلاس ٿيندو، ميمبر پنهنجا مطالبا پيش ڪندا، اجلاس کان اڳ اسپيڪر اياز صادق واضح ڪيو ته منهنجو ڪم رڳو سهولت ڏيڻ آهي، ٻئي ڌريون پنهنجو فيصلو پاڻ ڪنديون، اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهين ۾ رضامندي بابت سوال تي هن دعويٰ ڪئي ته ان حوالي سان مون کي ڪابه خبر ناهي، منهنجا رڳو حڪومت ۽ مخالف ڌر سان رابطا آهن، ڳالهين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڳالهين جو ڪير به ضامن ناهي، مخالف ڌر کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ڪري، اسين به پنهنجو موقف رکنداسين، ڳالهين سان کي وچ جو رستو نڪرندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪو سئو سيڪڙو هڪٻئي جي ڳالهه مڃي وٺي، پ پ اڳواڻ نويد قمر ڳالهين کي خوش آئند ۽ وڏو قدم قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سوچ ۾ وڏو فرق آهي، ڳالهين ۾ هڪ هڪ قدم اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته اجلاس ۾ اسان پنهنجو موقف سختي سان پيش ڪيو، عمران خان سميت سمورن قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو، اسان جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو پڻ ڪيو مطالبو ڪيو، 2 جنوري تي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪنداسين، حڪومت عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات جو مطالبو مڃيو آهي، صاحبزاده حامد رضا چيو ته اسان اهڙو ڪو به مطالبو نه ڪري رهيا آهيون جيڪو غير آئيني هجي، عمران خان جي آزادي سميت ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو رکيو آهي، اسٽيبلشمينٽ آن بورڊ آهي يا نه؟ ان جو جواب حڪومت ڏيندي، علامه راجا ناصر عباس واضح ڪيو آهي ته مسئلا ڳالهين جي ميز تي حل ٿيندا آهن، حڪومت کي پهرين قدم کڻڻ گهرجي ها، خالد مقبول صديقي چيو ته ايوان ۾ ڪير ڪهڙو به هجي، ڳالهائڻو پوندو، غلط صحيح هجڻ تي اسيمبلي ۾ اچڻ ڇڏي نه ٿو سگهي،