اسلام آباد(جاويد چوڌري)پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال قيد جي سزا اچي ويندي،2جنوري تي ڌرين ۾ ڳالهين جو سلسلو وري شروع ٿيندو،6 جنوري تائين ڪو نتيجو نه نڪتو ته پوءِ ان ڪيس جو فيصلو ٿي سگهي ٿو وري ملتوي ڪيو وڃي،ماڻهو ان حوالي سان تبصرا ڪري رهيا آهن،اهو فيصلو ڳالهين جي ڪري رڪيل آهي ۽ عمران خان به چاهي ٿو ته ان ڪيس ۾ کيس سزا نه اچي،ان ڪري هن حڪومت کي ڳالهين جي درخواست ڪئي هئي ته جيئن عدالتي فيصلو ملتوي ٿي وڃي ٻيو سبب اهو به آهي ته پي ٽي آءِ کي جيترو زور لڳائڻو هو اهو لڳائي چڪي،هاڻي پارٽي ٿڪجي چڪي آهي،هاڻي وڌيڪ ان جي ڪا به تحريڪ ڪاميابي ماڻي نٿي سگهي،ان ڪري عمران فيصلو ڪيو ته حڪومت کي انگيج ڪجي
-
گنڊاپور جو حڪومت سان ڳالهين کان انڪار
اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن صلاح مشوري باوجود شرڪت نه ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن عمر ايوب ۽ علي امين گنڊاپور کي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ چيو هو پر علي امين گنڊاپور شرڪت کان انڪار ڪيو، سلمان اڪرم راجا به بئريسٽر گوهر جي صلاح مشوري کانپوءِ ڳالهين ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو، ذريعن موجب مخالف ڌر سان رابطن واري معاملي تي پارٽي اڳواڻن ۾ سخت ڇڪتاڻ به ٿي، ٻي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان علي امين گنڊاپور ڪابينا اجلاس سبب، عمر ايوب پشاور جي عدالتن ۾ حاضري، حامد خان بنگلاديش جي دوري ۽ سلمان اڪرم راجا لاهور ۾ عدالتي مصروفيتن سبب ڳالهين واري عمل ۾ شامل نه ٿي سگهيا، پارٽي جي ڪنهن به ميمبر ڳالهين کان انڪار نه ڪيو هو.
-
ڳالهيون انهن سان ڪامياب ٿينديون جيڪي ملڪ جا فيصلاڪن پيا:علوي
ڪراچي ( رپورٽر ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته ڳالهيون هنن سان ئي ڪامياب ٿينديون جيڪي ملڪ جا فيصلاڪري رهيا آهن .پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪي به اختلاف ناهن.عارف علوي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت خلاف عدم اعتماد آڻڻ ۾ ڪنهن جو ڪردار رهيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت پارٽي چيئرمين کي صلاح ڏيندس.