رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل آچر جي صبح جو ملير ايڪسپريس وي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڊسمبر جي آخر تائين ان کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ لاءِ کولي سگهجي.وڏي وزير ان پراجيڪٽ جي انجنيئر کي ڪم جي رفتار وڌائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته 30 ڊسمبر تائين منصوبو هر صورت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن شاهه فيصل انٽر چينج کان ايئر پورٽ تائين ايڪسپريس وي سان گڏ سموريون غير قانوني اڏاوتون ۽ پارڪنگ ختم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائي سگهجي. هن جو چوڻ هو ته ملير ايڪسپريس سبب ڄام صادق پل کان شاهه فيصل ٽرمينل ذريعي جناح ٽرمينل تائين سفر گهٽجي 15 منٽن جو ٿي ويندو. هن واعدو ڪيو ته پهرين حصي جي افتتاح بعد شاهه فيصل کان ڪاٺوڙ تائين رهيل حصي جو ڪم تيزي سان ڪيو ويندو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن کان پ پ کي ڪراچي جو انتظام سنڀالڻ جو موقعو مليو آهي تڏهن کان ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ هڪ لساني جماعت جي چاليهن سالن جي انتظامي دور کي ڪراچي لاءِ ڪارو دور چئي سگهجي ٿو جيڪو دور دهشت گردي، فاشزم، هڙتالن، ٻوري بند لاشن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري جو ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جنهن ۾ دهشت ۽ خوف جو راڪاس هو ۽ جنهن دور ۾ ڪراچي کي دنيا جي دهشت گرد سٽيل وڏن شهرن ۾ عالمي طور ڳڻيو ويندو هو پر شڪر جو 2013 کان پاليسي تبديل ٿي ۽ ان لساني جماعت جي سربراهه ملڪ جي خلاف نعرو هڻي ان دهشت زده دور جو باب پورو ڪيو ۽ شڪر پاڪ چين جي وچ ۾ ٿيل سي پيڪ معاهدي جو جنهن جي پڻ تقاضا هئي ته ملڪ اندر مڪمل طور تي امن قائم ٿيل هجي پوءِ جنرل راحيل شريف جي چيف آف آرمي اسٽاف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي نالي ۾ آپريشن ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي جو انتظام به لساني جماعت بدران پ پ جي حوالي ٿيو.
ان کانپوءِ ڪراچي جي انتظامي شڪل تبديل ٿيڻ لڳي ۽ ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ٿي جن ۾ فلاءِ آوور، ايڪسپريس وي ۽ روڊن شاهرائن کي ويڪرو ڪرڻ شامل آهي. ٻيو ته پ پ جي انتظام کان اڳ ڪراچي ۾ برساتن جي پاڻي جي نيڪال جو وڏو مسئلو هوندو هو، شاهرائن تي برساتي پاڻي بيهي ويندو هو جنهن کي پڻ مراد علي شاهه جي وڏ وزارت ۾ بهتر ڪيو ويو. سو پ پ جي انتظامي دور ۾ برابر ترقياتي ڪم نظر اچي رهيا آهن پر انهن ترقياتي ڪمن جي سست رفتاريءَ تي گهڻي تنقيد ٿئي ٿي ۽ ان ڪري سٺو ڪم ڪرڻ باوجود اهو زحمت زده ۽ تڪليف جوڳو ٿي ويو آهي خاص ڪري ڪراچي يونيورسٽي جو سڄو روڊ ترقياتي ڪمن سبب کوٽيل آهي. جنهن سبب نه رڳو ٽريفڪ هر وقت جام رهي ٿي پر ان سان سڄو ڪراچي جو وهنوار سست ٿي وڃي ٿو ۽ هر طبقي کي سفر ۾ بيحد تڪليف رسي ٿي.ان ڪري اهو لازمي آهي ته ترقياتي ڪمن کي تيزي سان اڪلائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. اهڙو طريقو استعمال ڪيو وڃي جيئن ٿورو ٿورو علائقو کوٽي ان کي مڪمل ڪري پوءِ ٻيو علائقو کوٽيو وڃي پر هتي هڪ ئي وقت شهر ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن ۽ هڪ ئي وقت سڄي ڪراچي کوٽي وئي آهي جنهن سان سڄي ڪراچي جو عوام تڪليف ۾ آهي. اسان ترقياتي ڪمن تي ڪنهن ريت به ارها ناهيون البت ان جي سست رفتاري تي اعتراض آهي.
اسان جو خيال آهي ته جيئن وڏو وزير آچر تي ملير ايڪسپريس وي جي ڪم جو جائزو وٺڻ وي تيئن کيس هر پندرنهين ڏينهن شهر جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي ته ان سان ڪم جي رفتار تيز ٿئي ۽ ڪم ڪرڻ وارن تي دٻاءُ پوي. ٻي صورت ۾ ترقياتي ڪم سالن جا سال رڪيل رهن ٿا. جنهن ڪري عوامي وهنوار سست به رهي ٿو ۽ عذاب به بڻيل رهي ٿو. اها به حقيقت اهي ته ڪي ترقياتي ڪم وفاقي حڪومت جا به هوندا آهن ان جي به ذميواري آهي ته اها پنهنجن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏي پر صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي اڻبت سبب به ترقياتي ڪم رڪجي ويندا آهن ۽ تڪليف ۾ وري عوام پئجي ويندو آهي. عام طور تي هتي ترقياتي ڪمن لاءِ کوٽائي ته تڙ تڪڙ ۾ مڪمل طور ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ سالن جا سال اهي علائقا ۽ روڊ کوٽيل ئي رهندا آهن وري جڏهن برسات پوندي آهي ته اهي کوٽيل علائقا تلاءُ بڻجي ويندا آهن.
اسان ته حڪمرانن کي اها به صلاح ڏينداسين ته اهي جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن جي دورن تي وڃن ته اهو به ڏسي اچن ته اتي ترقياتي ڪم ڪيئن ٿيندا آهن ۽ ڪهڙي طريقي سان انهن جو اڪلاءُ ٿيندو آهي. اهو طريقو ڏسڻ، سمجهڻ ۽ تربيت وٺڻ کانپوءِ ان طريقي سان پنهنجي ملڪ اندر به ترقياتي ڪم ڪرائي سگهجن ٿا. ائين اسان جا حڪمران حڪومت ڪرڻ ۽ خاص ڪري گڊ گورننس جا طريقا به سکي ۽ سمجهي سگهن ٿا. سٺي حڪومت ڪيئن ڪجي سو موضوع به سکيا جوڳو آهي پر اسان وٽ حڪومتي نظام جي سڌاري ڏانهن ڪو ڌيان نظر نٿو اچي. ائين ترقياتي ڪمن کي ڪيئن وقت سر اڪلائجي ۽ اهو ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي جنهن سان عوام کي گهٽ تڪليف رسي سو معاملو به سکڻ گهرجي. جنهن ۾ ڪو حرج ناهي. حڪومت کي گهرجي ته اها ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ ذميوارن کي سکيا ڏيارڻ جو انتظام ڪري جنهن جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وڃي.