موجوده دؤر ۾ جنهن فارميٽ جا ادبي ميلا جنهن سٽاءَ سان ٻن يا ٽن ڏينهن تي ٻڌل منعقد ٿيڻ لڳا آهن، ان جي باني دراصل انگريزيءَ جي مشهور اخبار روزاني ”ڊان“ آهي، جنهن پاران (”ڊان“ جي پڙهندڙن کي خبر آهي ته) ”بُڪس اينڊ آٿرس“ نالي سان هڪ هفتيوار سپليمينٽ اشاعت شايع ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ تازن ڇپيل ڪتابن جا تعارف، مٿن تبصرا ۽ انهن جي مصنفن جا انٽرويُو يا زندگيءَ جا احوالَ شايع ٿيندا هئا. اها به سڀني کي خبر آهي ته ان ئي روزاني ”ڊان“ اخبار پاران ڪراچيءَ ۾ هر سال ٽن ڏينهن جِي ”لائيف اسٽائيل“ نمائش به لڳندي آهي، جنهن ۾ عام زندگيءَ سان سلهاڙيل لڳ ڀڳ هر شئي نماءَ لاءِ رکي ويندي آهي. ان ”لائيف اسٽائيل نمائش“ ۾ اڄ کان لڳ ڀڳ ويهارو سال کن اڳ ”ڊان“ جي اُن ”بُڪس اينڊ آٿرس“ لاءِ هڪ ڪُنڊ مخصوص ڪري، اتي ”بُڪس اينڊ آٿرس پويلِيَن“ ٺاهي وئي، جتي نه رڳو ڪتابن جا اسٽال هنيا ويا، بلڪه ان نمائش جي ٽنهي ڏينهن دؤران اتي مختلف ڪتابن جُون مهورتون ۽ انهن جي مصنفن ۽ مؤلفن سان ملاقاتون به رٿيون ويون. ان اخبار پاران هڪ سال جي اها تجرباتي ڪوشش ايتري ڪامياب وئي، جو ان کانپوءِ هر سال اخبار جي ”بُڪس اينڊ آٿرس“ ايڊيشن پاران ڪتابن ۽ ليکڪن جو اهو ”پويلِيَن“ ٺاهيو وڃڻ لڳو ۽ ان ۾ هزارين ڪتابن جا شوقين ايندا رهيا ۽ اهي ادبي رهاڻيون، ڪتابن جون رُونمايون ۽ ساهتي ڪچهريون اٽينڊ ڪندا رهيا. انهن ڏينهن ۾ ”بُڪس اينڊ آٿرس“ جي ايڊيٽر نامياري صحافي ۽ تعليمدان محترمه زبيده مصطفيٰ هئي. جيتوڻيڪ اها پوِيلِيَن برپا ڪرڻ جو مرڪزي خيال ته اخبار جي سيلز ۽ مارڪيٽنگ ٽيم جو هو، پر انهن سان علمي سهڪار يقيناً زبيده صاحبه جو به شامل رهيو، تنهنڪري انهن ادبي ميلن جي موجوده شڪل جي پايو وجھندڙ ”ڊان“ اخبار، ان جي تشهيري ٽيم ۽ زبيد مصطفيٰ چئي سگھجن ٿا.
ان ادبي پوِيلِيَن جي ڪاميابيءَ کي ڏسندي ڪراچيءَ جي ”آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس“، اڄ کان 14 سال اڳ 2010ع ۾ ”ڪراچي لٽريچر فيسٽيول“ جي نالي سان هڪ پوري ٽن ڏينهن واري ادبي ميلي جو انعقاد ڪيو، جنهن جو مرڪزي خيال آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي تڏهوڪي مينيجنگ ڊائريڪٽر امينه سيّد جو هو، جڏهن ته ان جو شريڪ باني، ناميارو اديب، نقاد ۽ مترجم ، ڊاڪٽر آصف فرخي هو. (امينه سيّد هاڻي اها ملازمت ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجو ڌار ساليانو خانگي ادبي ميلو منعقد ڪندي آهي.) ڪراچي لٽريچر فيسٽيول اڄ ڏينهن تائين جاري آهي ۽ هر سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ باقاعدگيءَ سان ساڳئيءَ جاءِ تي منعقد ڪيو ويندو آهي، بلڪه هاڻي ته ان جا اسلام آباد ۽ لاهور ايڊيشنز ڌار به منعقد ڪيا ويندا آهن. اها حقيقت آهي ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ سنڌي ادب ۽ اديبن کي ڪا خاص نمائندگي ناهي ملندي.
اڄ تائين چند مخصوص منظورِ نظر سنڌي اديبن (جيڪي ان فيسٽيول جي مُنتظمين جا ذاتي واسطيدار آهن) کانسواءِ عام طور تي ان ۾ سنڌي ادب جي ڪا نمائندگي ناهي هوندي. ان ڪميءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسانجي ڪجھه دوستن پهريون ڀيرو 2015ع ۾ هڪ پُورو پُنو ٽِن ڏينهن وارو سنڌي ادب جو پهريون فيسٽيول منعقد ڪري، ان کي سالياني روايت بڻائي سنڌي ادب ۽ ثقافت کي هڪ ڌار پليٽ فارم مهيا ڪيو، جيڪو پڪ سان هڪ سٺو سنوڻ هيو. جنهن ۾ سنڌي ادب توڙي اديبن جي نويڪلي نمائندگي ٿيڻ لڳي ۽ سنڌي اديبن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ جاءِ نه ملڻ واري ڏک کي وساري هن متبادل پليٽ فارم کي پنهنجايو، پر پوءِ ٿيو ايئن جو هڪ ڊوڙ شروع ٿي وئي… اهي ادبي ميلا ڪمائيءَ جو ذريعو سمجھيا وڃڻ لڳا ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ادبي ميلا منعقد ٿيڻ لڳا، جيڪا بظاهر ته سٺي ڳالهه هئي، پر هڪ ته انهن ادبي ميلن جي انعقاد جو محور ادب جي خدمت کان وڌيڪ انهن جي مد ۾ ثقافت کاتي ۽ ٻين ادارن کان ”مالي سهائتا“ جو حصول بڻجي ويو ۽ ٻيو ته هيڏن سارن ميلن جي ڀَرمار سان ان ۾ منعقد ٿيندڙ سيشنز ۽ مقررن جو اهو معيار به نه رهيو. انهن شهر شهر نگر نگر ۾ ٿيندڙ سرڪاري سهائتا وارن ادبي ميلن مان گھڻن جا منتظمين ته انهن جا هڪ هڪ ٻه ٻه ايڊيشن منعقد ڪري ٿڪجي پيا، پر ٻه ٽي ادبي ميلا اهڙا آهن، جيڪي اڃا به هر سال منعقد ٿين پيا. انهن ميلن جي ادبي افاديت يا انهن جي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ ڪردار تي نه رڳو بحث ٿيڻ گھرجي، پر تحقيق پڻ!
مون 2017ع ۾ هڪ نامياري اردو اخبار جي پنهنجي ريگيولر ڪالم ۾ تن ڏينهن ۾ منعقد ٿيندڙ انهن ادبي ميلن جي منتظمين لاءِ ڪجھه صلاحُون لکيون هيون، جن تي عمل ڪرڻ سان انهن ميلن جي ادب ۾ واڌاري جي ڪردار کي وڌيڪ موثر بڻائي سگھڻ ممڪن هو. ان ڪالم جي اشاعت کان سُتت پوءِ اهڙي ئي هڪ ادبي ميلي ۾ ”ادبي ميلن جي افاديت ۽ ضرورتن“ جي موضوع تي منعقد ٿيل سيشن جِي اتفاق سان مون ئي پئي ميزباني ڪئي. جنهن ۾ منهنجا مهمانَ، ڪراچي ادبي ميلي جا اهي ئي مٿي ذڪر ڪيل باني، امينه سيّد ۽ ڊاڪٽر آصف فرخي هئا، جن ٻنهي ان سيشن ۾ منهنجي ان ڪالم کي پنهنجي خيالن جي اظهار دؤران ريڪارڊ تي ساراهيو.
هن وقت اهو ڪراچي ادبي ميلو (جيڪو انهن سمورن ميلن ۾ پهريون مڪمّل ادبي ميلو ليکيو وڃي ٿو) سان گڏ اردو ادب سان سلهاڙيل ميلا ته پيشاورانه ۽ ’ڪارپوريٽ‘ انداز ۾ هر سال پنهنجي ڪيلينڊر مطابق منعقد ٿيندا رهن ٿا، پر سنڌي ادب جا نمائندا ادبي ميلا مختلف سببن جي ڪري تڪراري بڻجي ويا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن تڪراري ٿيندا پيا وڃن. جنهن جي مک سببن منجھان هڪ سبب اهو به آهي ته انهن ميلن جو سٽاءُ ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙ مقررن جي چونڊ گھڻ مشاورتي مجلس رستي نه پر، هڪ يا ٻن فردن جي مرضيءَ تحت ٿئي ٿي. ان ”وَن مين شو“ واري روّيي سبب هر ميلي جي منتظمين جا من پسند مقرر ۽ ماڊريٽر ئي انهن ميلن جو حصو بڻجن ٿا ۽ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي جَھنگ جَھر ۽ ننڍين وسندين ۾ موجود اڪيچار سٺا لکندڙ انهن ميلن جي نشستن جو حصو نٿا بڻجي سگھن.
جيئن اسان وٽ ڪتابن جي اڀياس جو لاڙو به ڏينهون ڏينهن گھٽبو پيو وڃي، تيئن ادبي بحث مباحثن، ادبي تاريخ جي اپٽار، ادبي روايتن جي ذڪر ۽ نون ڪتابن تي ٽپڻي ٻُڌڻ يا انهن مباحثن جو حصو بڻجڻ جو رُجحان به نئين ٽهيءَ ۾ نهايت گھٽ ڏسڻ وٽان ملي ٿو. نتيجي ۾ انهن ميلن ۾ نؤجوان شريڪ ته سَوَن هزارن جي تعداد ۾ ٿين ٿا، پر اوهان هال ۾ جھاتي پائي ادبي سيشنز ۾ شريڪ حاضرين جو تعداد ڏسندا ته هال يا پنڊال جُون 80 سيڪڙو ڪرسيُون، انهن سيشنز دؤران اوهانکي خالي ملنديون، البته ان ئي وقت اوهانکي اهي ئي نؤجوان انهن سيشن هالز کان ٻاهر تصويرڪشي ڪندي، سيلفيُون ڪڍندي يا ٽِڪ ٽاڪ ٺاهيندي ضرور نظر ايندا. البته انهن ئي ميلن جا موسيقيءَ جا سيشن اوهانکي کَچاکچ ڀريل نظر ايندا، ڇاڪاڻ ته سنگيت، نؤجوان کي ادب جيان خشڪ نٿو لڳي ۽ ان منجھان کين لطف اندوز ٿيڻ ۽ حظ حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ٿو. تصوير ڪشيءَ جي اها لَتَ رڳو غيرمعروف نؤجوان شرڪت ڪندڙن تائين ئي محدود ناهي، بلڪه سيشنز جا (سمورا نه پر) کوڙ سارا مقرر، ناميارا اديب ۽ دانشور پڻ فوٽو سيشن ۽ ويڊيوگرافيءَ واسطي ئي سيشنس ۾ شريڪ ٿيڻ اچن ٿا ۽ سندن توجهه ۽ ترجيحَ ان کان وڌيڪ ته کين ان ادبي ميلي ۾ ڳالهائڻو ڇا آهي، ان ڳالهه تي رهي ٿِي ته سندن تصويرُون سُٺيون اچن ۽ ڳالهائيندي سندن ويڊيو ڪلپس سٺا ريڪارڊ ٿين.
انهن ميلن جي افاديت گھٽجڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ان جا ڪانڍيندڙَ (جن منجھان اڪثر جي سڃاڻپ ئي انهن ميلن جي ڪري آهي، نه ته ان کانسواءِ انهن جي ٻي ڪا ادبي سڃاڻپ ڪانهي) انهن ادبي فيسٽيولز جِي سڄو سال ڪا تياري يا ’هوم ورڪ‘ نٿا ڪن ۽ آخري هڪ مهيني اندر سيشنز جوسٽاءُ جوڙي جاري ڪن ٿا، جنهنڪري اهي سيشنز، ”نشستن… گفتن… برخواستن“ کان وڌيڪ ڪجھه به ثابت نٿا ٿين، البته ڪجھه سرڪاري ادارن جي مالي سهڪار سان ڪانڍيندڙن جا ”ذاتي مفاد“ ضرور پورا ٿين ٿا، جنهنڪري هو هر سال اهي ميلا پابنديءَ سان منعقد ڪن ٿا ۽ انهن سرڪاري ادارن کي به پنهنجي ڪارڪردگيءَ وارن فائيلن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ جو موقعو ضرور ملي ٿو ته ”سنڌي ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ فلاڻي فلاڻي تنظيم کي فلاڻي ادبي ميلي منعقد ڪرائڻ لاءِ هيترا لک روپيه ڏئي، ادب جي خدمت جو اهم فرض انجام ڏنو ويو.“
لڳ ڀڳ 10 سالن جو سفر پورو ڪرڻ کانپوءِ، هاڻي جڏهن اهي ادبي ميلا هڪجهڙائيءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ عنقريب پنهنجو موت مرڻ وارا آهن، ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي انعقاد جا مولَ متا ذاتي مالي مفادن کان آجا ڪري، انهن جو ڪينوس وسيع ڪري، ان جي آرگنائيزنگ ٽيم ۾ تخليقي فردن کي شامل ڪري، ان ۾ سول سوسائٽيءَ جي شموليت کي وڌائي، انهن کي پُوري سال جِي رٿابنديءَ سان ڊزائن ڪري، صحيح معنيٰ ۾ ادب جي واڌاري لاءِ منعقد ڪيو وڃي، ته اهو هرگز ناممڪن ناهي، ته اسانجا اهي ادبي ميلا ”جشنِ ريخته“ يا ”جئه پور لٽريچر فيسٽيول“ وانگر عالمي سطح تي ادب جا ترجمان بڻجي سنڌ جي ناماچار جو نشان بڻجن. پر جيڪڏهن انهن ميلن جا منتظمين ان وسيع شراڪتداريءَ کي ”پنهنجن اختيارن ۾ مداخلت“ سمجھي پنهنجي موجوده رَوِش جاري رکندا ته پوءِ اهو گھوڙو ان ئي رفتار سان پيو هلندو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ٿڪجِي ويهي رهندو.