پوين ڪجهه سالن کان دنيا ۾ خطرو رهيو آهي ته ڪٿي عالمي اقتصادي منڊي 2008ع جيان ڦهڪو ڪري ڪِري نه پوي. 2024ع ۾ پڻ اِهو خطرو هو ته عالمي منڊين سستي نه ٿئي ۽ وري ڪاروبارن کي مٿي کڻڻ ڏکيو ٿي پوي. سڌُريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ڪجهه بهتري جا آثار نظر اچن پيا. عالمي بئنڪ ۽ ٻين عالمي ناڻي وارن ادارن مطابق اُهي مڙيئي هن سال پنهنجو ڪم ٽپائي ويا. جڏهن ته ترقي پذير ملڪن ۾ ڪم ٽپائڻ جيتري ڦڙتي ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. ترقي پذير ملڪن ۾ وري اسان جهڙا ملڪ ليکي ۾ ئي ناهن. ايئن سمجهو ته جيڪو امتحان ۾ ئي ويٺل نه هجي، ان کي نتيجي اچڻ يا نه اچڻ جي ڪهڙي ڳڻتي! هڪ پراڻي حڪايت نما لطيفو ياد آيو ته اڳ جيئن ڪڻڪن جو فصل لهندو هو ته ڪي فقير پري کان گهوڙي تي چڙهي اچي دان وٺندا هئا. زميندارن وٽان خيرات وٺيو ڪجهه اَن جا ٻاچا ڀري روانا ٿيندا هئا. هڪ فقير جنهن گهوڙي تي آيو، سا گگدام هڪ پير کان منڊي هئي. ان فقير کي خيرات ۾ ان سال اَنُ بلڪل گهٽ مليو ته ڪنهن هاري ناري چيس ته ”فقير سڄي چَنڊائي ان گهوڙيءَ ۾ اٿئي!“ فقير وراڻيو ته ”سائين پندا ته وتا آهيون، ان کان وڌيڪ ٻي چنڊائي ڪهڙي هوندي!؟“ سو ان ڳالهه وانگر اسان جو گذارو ئي منگڻ تي آهي ته اقتصادي سستي سان اسان تي ڪهڙو فرق پوندو!
عالمي بئنڪ جي هڪ تازي رپورٽ جنهن کي”2024 (۾) ترقي لاءِ اهم چئلينج (صرف) نون چارٽن ۾!“ ۾ ظاهر ڪري ٿي. ان ۾ غربت، موسمي ڦير گير ۽ دنيا ۾ ترقي ۽ واڌ جي في سيڪڙي بابت انگ اکر ۽ ويچار ونڊيل آھن۔ انھن مان چند نڪتن تي پاڻ پڻ سور سليون ٿا.
گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي 17 مقصدن مان هڪ اهم مقصد ”دنيا ۾ شديد غربت کي 2030ع تائين ختم ڪرڻ“ آهي. جيڪو هاڻ، عالمي بئنڪ مطابق 2030ع تائين حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي. جيڪا اقتصادي (في سيڪڙو) ترقيءَ آهي سا ڪا اهڙي حوصلي واري ناهي. دنيا ۾ (غريب ملڪن جا خاص ڪري، ڪجهه امير ملڪن جا) وڌندڙ قرضن جا وزن، ڪووڊ واري عالمي وبا جا ڏور رس اثر، دنيا ۾ ڀڙڪيل جنگون ۽ جنگ جهڙيون حالتون، امن کي گهڙيل گهڻ پاساوا خطرا، موسمي ڦيرگهير جي ڪري وڌندڙ آفتون عالمي غربت گهٽائڻ جي ڪوشش جي اثرن کي بي سود ڪري ڇڏيو آهي ۽ غربت هٽائڻ واري رفتار نه صرف پوئتي ٿيندي ٿي نظر اچي، بلڪه جيڪي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون هيون، اهي پڻ برقرار رکڻ مشڪل لڳي ٿو. يعني دنيا جي غريبن تي ۽ خاص ڪري غريب ملڪن جي غريبن تي هاڻ ڏکيا ڏينهن وڌيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن رٿابندي بهتر نه ڪئي وئي ته غريب اڃان غريب تر ٿي ويندا!
عالمي بئنڪ جي گهاڙيٽي/معيار مطابق شديد غربت ان کي چئجي ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ 2.15 ڊالرن يعني 600 روپين کان گهٽ ڪمائي. دنيا ۾ هن وقت ستر ڪروڙ کان مٿي ماڻهو شديد غربت جي لڪير کان هيٺ آهن. هاڻ پاڪستان ۽ سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، پاڙي ۽ وسنديءَ جي حساب سان سوچي ته انهن جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، جيڪي 600 کان گهٽ ڪمائين ٿا! پوءِ اسان کي ڀلي ڀت اندازو ٿيندو ته اسان وٽ شديد غربت ڪيتري آهي. سرڪاري انگ اکر کڻي ڪيتريون ئي گُلڪاريون ڪن، پر خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي ۾ اسان کي غربت جون حقيقتون نظر اينديون. غربت جو ٻيو معيار 3.65 آمريڪي ڊالرن جي روز جي ڪمائي وارو آهي. يعني 1015 روپيا روز جي ڪمائي. اِهي وڃي 30500 روپيا ٿين ٿا! سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ان حد جي اندر ڪيترا لک يا ڪروڙ ماڻهو هوندا، ان جي اندازي کان بهتر آهي ته تحقيقي انگ اکرن ڏسجن. پوءِ پڻ اِهو احساس ٿيندو ته سرڪاري انگ اکر ڪيترا سچا آهن ۽ عالمي تحقيقي رپورٽون انهن جي افاديت کي ڪيترو مڃين ٿيون. اهڙي نموني رواجي غربت ان کي ڪوٺين ٿا، جنهن جي روز جي ڪمائي/روزي 6.5 ڊالر يا ان کان گهٽ هجي. اڄ جو آمريڪي ڊالر جو اگهه 278.20 روپيا آهي، ان حساب سان اِها ڪمائيءَ جي حد 1910 روپيا يا مهيني جي 57000 ٿي، جنهن قسم جي مهنگائي آهي. صحت، تعليم، اٽو/لٽو/اجهو مهانگا آهن، ان حساب سان حقيقت ۾ اِها به ذري گهٽ شديد غربت جي لڳ ڀڳ ئي اهي! سموري دنيا ۾ هن وقت ساڍا ٽي ارب انسان اهڙا آهن، جيڪي ايتري (يا ان کان گهٽ) واري روزي تي حياتي کي گهارين پيا. ان حساب سان سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻهراڙي جو هڪ وسيع آبادي جو حصو غريب آهي. اسان ڪنهن دؤر ۾ وچٿري ڪمائي وارن ملڪن ۾ هئاسين. هاڻ پڻ اسان گهٽ وچٿري ڪمائي (لوئر، مڊل، انڪم اڪنامي) واري ملڪن ۾ اچون ٿا. سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ وڌندڙ غربت؛ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هڪ وسيع غربت جو زميني ڦهلاءُ ان ڳالهه جو پتو ٿو ڏئي ته سنڌ (۽ پاڪستان ۾) حڪومتي خدمتن ۽ وسيلن جي ورڇ غريب کي غريب تر ۽ امير کي وڌيڪ امير ڪندي پئي وڃي. ان غربت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گهڻ رُخي رٿابندي ڪري، ملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
اڻ برابريءَ جا عالمي، علاقائي، ملڪي، صوبائي ۽ صوبي جي اندر فرق آهن، جيڪي ڪنهن جي چڱ ڀلائي ۽ ابتري کي ظاهر ڪن ٿا. ترقي يافته ملڪ هجن يا ترقي پذير ملڪ، انهن ۾ اِهي ويڇا نظر ايندا. ساڳئي نموني پاڪستان جي اندر ڪي صوبا اقتصادي ۽ سماجي طور تي وسيلن تي وڌيڪ اثرانداز ٿين ٿا. وري صوبن جي اندر ڪي ضلعا ۽ خاص ڪري ڪي شهر ۽ ادارا پاڪستان ۽ صوبي جي عمومي حالت کان بلڪل مختلف تصوير پيش ڪن ٿا. پاڪستان جي ٻهراڙي ۽ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي ان ڏس ۾ ”بهتري ۽ چڱ ڀلائي“ واري حالتن کان اڃان گهڻو پوئتي پيل آهي. موسمي حالتون ۽ ڦير گهير، ٻوڏن، سخت گرمي (يا سردي) يا فصلن تي اثرانداز ٿيندڙ ٻين سببن جي ڪري ”هڪ بهتر زندگي“ کان وڌيڪ پري ٿيندا ٿا وڃن!
ان موسمي حالتن جي خطرن جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته ڏکڻ ايشيا جي ٻٽيهه 32 سيڪڙو آدمشماري انهن خطرن ۾ گهڙيل آهي. ان ۾ سنڌ، پاڪستان جي حساب سان وڌيڪ ’ پُرخطر‘ آهي.
اها ئي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته عالمي طور ۽ علاقائي طور وڏيون وِٿيون آهن. جيئن: بنيادي اڏاوتي گهاڙيٽا (روڊ/رستا، پاڻيءَ جو نظام، اسپتالون، بس/ريل وغيره، اسڪول ۽ ٻين سهولتن جون اڏاوتون) انساني سرمايو (هنرمند، پڙهيل لکيل، ڪرت وارا، ڪم جا ڄاڻيندڙ، ڪاريگر، استاد، ٽيڪنيشنن، ڊاڪٽر، نرسون، وغيره وغيره) ۽ ڪاروباري/روزگار جي ذريعن جي گهٽتائي. اهي سڀئي عنصر غريبن کي اڃان پوئتي ڌڪين ٿا. ساڳي نموني تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سرڪاري ادارتي ۽ سماجي وِٿين غريب دنيا جي ملڪن لاءِ وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ لاءِ پڻ اِها وڏي للڪار آهي. ان جي چڱي ريت ڪٿ ڪري عام سنڌ لاءِ بهتريءَ جا رستا ڪڍي سگهجن ٿا.
سنڌ جي حوالي سان، 2022ع جي ٻوڏن کان پوءِ واري هلندڙ نئين سِر تعمير ۽ بحالي کي انهن وسيع مقصدن ۽ معيارن جي حساب سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ 2023ع ۽ 24 وارا سال موسمي حساب سان ايترا ڳرا نه رهيا آهن، پر موسمي ڦيرگهير فصلن جي اُپت، گرميءَ جي پڌ، سِم ۽ ڪلر جي وڌندڙ اثرن جي ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي 2022ع جي ٻوڏن جي اثرن (اقتصادي ۽ سماجي) مان نڪرڻ لاءِ ڏکيايون پيدا ڪيون آهن. عالمي تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته سنڌ جهڙن علائقن ۾ غير محفوظيت گهٽائڻ لاءِ اِهو انتهائي ضروري آهي ته تڪڙا ۽ معياري قدم کنيا وڃن. سنڌ جي حڪومتي قدمن کي ساراهڻ سان گڏ ان جي عام ماڻهن تائين معلومات پهچائڻ ضروري آهي ته 2022ع کان پوءِ ڇا ڇا ڪيو ويو آهي، ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيستائين ۽ ڪيئن ڪيو ويندو.
2022ع جي ٻوڏن جي بحاليءَ بابت عالمي واعدا ۽ ڪنهن حد تائين مرڪزي واعدا وفا نه ٿيا آهن. سياسي هيٺ مٿاهين جي ڪري سنڌ جي موسمي ڦيرگهير جي حساب سان غير محفوظيت شايد وساري وئي آهي. ان ڪري ملڪي طور تي سنڌ جي بحالي جي ترجيحن کي پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي.
وڌندڙ غربت کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ انساني، طبعي/اڏاوتي ۽ مالياتي سرمايي ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. انساني سرمايي کي گُهڻ رُخي ڪٿ سان، سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهي. پيئڻ جي پاڻي جي معيار جو نه هجڻ ۽ جيوڙن ۽ گدلاڻ سان ڀريل هجڻ غريب سنڌ جي صحت لاءِ وڏو جوکم آهي. ان کي پراجيڪٽ کان وڌيڪ هڪ هنگامي حالت واري صورتحال سمجهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.