بنگلاديش، ڀارت کان شيخ حسينا جي حوالگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ڀارت کان اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي حوالگي جو باضابطا مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزارت موجب ڀارت کان شيخ حسينا جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته شيخ حسينا واجد کي عدالتي ڪارروائي لاءِ حوالي ڪيو وڃي. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ڀارت کي شيخ حسينا جي حوالگي بابت زباني سفارتي پيغام موڪليو ويو. ان کان اڳ بنگلاديش جي گهرو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانگير عالم چوڌري چيو هو ته بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ جو معاهدو موجود آهي ۽ بنگلاديش قيدين جي مٽاسٽا جي معاهدي تحت ڪم ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.