نائن زيرو لنڊن
ڀائو اڊيالائي !!
سلام ،نيازمندي ۽ نوڙت، اڄ توھان ڏاڍو ياد آيا.تنھنڪري قلم ڪاغذ کڻي ويھي رھيس،تھ توسان دل کولي ڳالهيون ڪريان. اڊيالائي ڀائو ،توھان ھجو يا مان، لنڊني ڀائو، اسان ٻنهي جا ڪيترائي ڏک گڏيل آهن. اڄ تون مقبول آهين، تھ ڪڏھن مان بھ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تو کان وڌيڪ مقبول ھوس.توکي تھ ماڻهن رڳو ووٽ ڏنا،پر منهنجي لاءِ ماڻھو جان بھ وٺندا ھئا ۽ ڏئي بھ ڇڏيندا ھئا.ڪراچيءَ جا ماڻھو منھنجي روحاني اوچائي کان واقف هئا، ان ڪري مون کي پير صاحب، بھ چيو ويندو ھو. اھو ئي مرتبو ۽ مقام توهان جو بھ آهي، توهان جي تھ زال خود پيرڻي آهي، اسان ٻنهي جي شروعات بھ هڪجھڙي آهي ۽ خدا نه ڪري ته ان جي، ُپڄاڻي به ھڪجھڙي ئي ٿئي.
شروع ۾ مون کي بھ مقتدرا ھنج ۾ کنيو ھو. ڇو ته شهري سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پتو صاف ڪرڻو هو. ڀائو اڊيالائي، توهان به مقتدره جي ٽڪسال جي سِڪي ۾ پيپلزپارٽي ۽ نون کي بدنام ڪرڻ کان پوءِ توهان کان انهن جي خلاف پروپئگنڊا ڪرايو ويو ته جيئن اهي بدناميءَ جي کڏ ۾ دفن ٿي وڃن. اسان ٻنهي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي، اھو بھ ٿي سگھي ٿو تھ اسان تي جادو ڪيو ويو هجي.
عمي ڀائو! اسان وچ ۾ گھڻي غلط فهمي پيدا ڪئي وئي ،اوھان منھنجي خلاف لنڊن اچي مقدما ڪيا، مون کي خبر آھي توھان کي سمورو مواد طاقتورن ڏنو ھو. ان وقت توھان انھن طاقتورن جو مائوٿ پيس بڻيل ھئا.ھاڻي تون ۽ آئون ٻئي طاقتورن جا ناپسنديدھ بڻجي چڪا آھيون.منھنجي آڱر جي اشاري تي ڪراچي بند ٿي ويندي ھئي.ھاڻي آئون ماڻھن کي ڳلو ڦاڙي، روئي روئي التجا ڪريان ٿو، پر اھي منھنجي ڳالھھ تي عمل نھ ٿا ڪن.
پھرين اھي هزارن جي انگ ۾ ڪلاڪن اجا ڪلاڪ منھنجي تقرير ٻڌندا ھئا، هاڻي مون کي 100 کان وڌيڪ ماڻھون بھ نھ ٿا ٻڌن. مون کي خبر آھي تھ ماڻھو اوھان جي ادائن تي جان نڇاور ڪندا ھئا.جڏھن کان توھان پشاوري چپل پاتي تھ چڱن خاصن انصافين آرام ڏيندڙ جوتو ڇڏي ڪري، چپل پاتي.ھينئر مون نوٽ ڪيو تھ توھان جي لاءِ خون ڏيڻ جي دعوِيٰ ڪندڙ اڪثر انصافي گھرن کان ٻاھر بھ نھ نڪتا.مون کي علم آھي تھ ڪراچيءَ ۾ منھنجا اڃان بھ ووٽ اڪثريت ۾ آھن، پر اھي منھنجي لاءِ ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.اھڙي اڪثريت وڃي کوهه ۾، جيڪا حامي تھ ھوندي آھي پر قرباني نھ ٿي ڏئي. اوهان جو به اهو ئي حال آهي، اوهان جا ووٽر گهڻا ئي آهن، اها، اھا خاموش اڪثريت آهي، جيڪا اوهان لاءِ ڪڏهن به گهرن مان ٻاھر نھ نڪرندي. اوهان جو ووٽ پاور تھ آھي اسٽريٽ پاور نھ آھي. ڀائو!
جيتوڻيڪ پاڻ ڪڏهن به نه ٺھياسين، پر اهو ھڪ ُحسن اتفاق آهي ته اسان ۾ ٻي بھ ھڪ ھڪجھڙائي آھي،توهان جا ٻھ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ پڻ لنڊن ۾ رهن ٿا ۽ اتي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. منھنجي ھڪڙي ئي ڌيءَ بھ لنڊن ۾ آھي ۽ مون سان باقاعده ملڻ ايندي آھي. مون ٻڌو آهي ته هاڻي توهان جو پنهنجي ٻارن سان رابطو نه آهي، جيڪڏهن توهان چئو تھ آئون پنھنجي ڪنھن خاص ماڻھون جي ذريعي انهن ٻارن سان توھان جو مستقل رابطو ڪرائي سگھان ٿو.ان سلسلي ۾ منھنجي جڏھن بھ خدمت جي ضرورت ھجي تھ توھان اشارو ڪندا تھ ڪم ٿي ويندو.
اڊيالائي ڀائو! ُپل جي هيٺان گهڻو پاڻي گذري ويو آهي، مان جيڪو ڪنهن زماني ۾ شهري سنڌ جو بي تاج بادشاهه هئس، اڄ لنڊن ۾ پنهنجي سياسي تنھائي جا ڏينهن گذاري رهيو آهيان ۽ توھان ڪنهن زماني ۾ پوري عالم اسلام جا عظيم رهبر سڏائڻ پئي چاهيو ، اڄ اڊيالا جيل جي ڪاري ڪوٺڙي ۾ بند آهيو. ان عروج ۽ زوال تي ماڻھو طنز بھ ڪن ٿا۽ چون ٿا ته توهان جو ابدي ۽ سڀ کان وڏو گناهه توهان جو، پنهنجي خالق سان وڙهڻ آهي، توھان ٻنھي کي فوج پئدا ڪيو.توھان جي پرورش ڪئي، اقتدار ڏياريو ۽ توھان انھن سان ئي وڙھي پيا.اھا تھ بلڪل بيوقوفي ھئي. مون کي اھو طعنو به ڏنو وڃي ٿو تھ مان مقبوليت جي تڪبر ۾ اچي ويو ھوس، رڳو “مان“ کي اھميت ڏيندو رھيس ۽ منھنجا فيصلا مون کي مقبوليت ۾ ڪٿي پري وٺي ويا، منھنجو خيال آھي تھ توھان سان بھ ايئن ٿيو.
قسمت بھ عجيب شيءَ آھي ، ھن زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ کي ڇا ڇا ڏسڻو پئي ٿو.اھو فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، مقبول صديقي سڀ منهنجو دم ڀريندا هئا، هاڻي هر روز منهنجي خلاف بيان ڏين ٿا.مون کي سياسي لاش ٺاھي، ھاڻي اقتدار جو مزو وٺي رھيا آھن، انهن مان ڪو به وفادار نه نڪتو، ڪو بھ دلدار نھ آھي، سڀ غدار ئي غدار آهن. عمران ڀائو، توهان جو الميو بھ اهو ئي آهي ته توهان جي ٽيم بھ بظاهر توهان جو دم ڀري ٿي،پر اندران ان جون تارون ڪٿي ٻئي ھنڌ مليل آھن،رپورٽون ڏنيون وڃن ٿيون تھ اوھان کي سچ نھ ٿو ٻڌايو وڃي،بلڪھ سچ تھ اوھان کان لڪايو وڃي ٿو.چيو وڃي ٿو تھ جڏهن ڏکيو وقت آيو ته ڀٽي صاحب جي ساٿين حفيظ پيرزادي ۽ ممتاز ڀٽي نيون شاديون رچايون. جڏهن منهنجو ڏکيو وقت آيو ته منهنجي سڀئي ساٿي مون کي چريو قرار ڏيڻ لڳا، جڏهن ته پھرين کوڏا کوڙي ويهي منهنجو ليڪچر ٻڌندا هئا، پھرين منهنجي دانش کي بصيرت چوندا هئا، هاڻي چوڻ لڳا آھن ته ھن تھ اسان کي مارائي ڇڏيو. ڊيئر اديالائي ڀائو! اها ئي صورتحال توهان کي بھ درپيش آھي.ليڊرشپ ھاڻي توھان جي عقل ۽ فيصلي جي قوت تي شڪ ڪري ٿي ۽ توهان کي پنهنجي اقتدار جي رستي ۾ رڪاوٽ سمجهي ٿي، في الحال انھن سڀني کي توهان جي ووٽ بئنڪ جي ضرورت آهي، ان ڪري توھان سان ڳنڍيل آھن.پر ذهني طور تي توهان کان پري وڃي چڪا آھن.
ڊيئر اڊيالائي ڀائو ! منھنجا ۽ اوهان جا ڏک گڏيل آھن. اسان ٻئي طاقتورن جي ڪاوڙ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، منھنجو تھ ھنن ڪجهھ نھ ڇڏيو آھي. نه گهر ٻار، نه ساک ۽ نه ووٽر، هاڻي اهي اوهان جي پويان لڳل آهن، جيڪڏهن اوهان صلح نه ڪئي ته پوءِ تيار رھجو، نه گھر ٻار رھندو ۽ نھ ئي شادي رھندي، نه ساک ۽ نھ ووٽر. پاڪستاني طاقتور ڪافي ڏاڍا آهن، انھن تي ڪا روڪ ٽوڪ نھ آھي. جئين پنجابي ۾ چوندا آهن، نھ !!
طوطيا من موتيا تون ايس گلي نھ جا.
ايس گلي دي جٽ ڀيڙي ليندي ڦائيان پا.
انهن سان وڙهڻ جو ارادو ڇڏي ڏيو ۽ اڳي وانگر انھن سان ”اڪ مِڪ“ ٿي وڃو. ٻي صورت ۾ توهان جي پارٽي کي ٻيهر ٽوڙڻ، توهان تي نوان الزام لڳائڻ، پختونخواهه ۾ حڪومت ختم ڪرڻ ۽ ٻين قدمن کڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ڊيئر عمي ڀائو!، مون وٽ تھ ڪجهه به ناهي بچيو، نه سياست، نه دولت، نه شهرت. توهان کي صلاح آهي تھ وڙهڻ وغيره ڇڏي ڏي،جنھن لشڪر سان گڏجي تون وڙھڻ جو سوچي رھيو آھين،ان لشڪر جو ھڪ ھڪ سپاھي، توهان جي دشمنن سان مليل آهي، وقت اچڻ تي توهان کي سڀ ڪجهه پاڻھي پتو پئجي ويندو.آخر ۾ عرض آھي تھ معاھدو ٿئي يا نھ ٿئي ، اھا ڳالھ ياد رکجان تھ توھان کي حڪومت بھ ملي وڃي تھ بھ توھان کي مقتدرا کان معافي ملڻ مشڪل آھي، پيپلز پارٽي کي معافي وٺندي وٺندي 30 سال لڳي ويا، اڃان به ان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. نواز شريف کي معافي تڏھن ملي جڏھن سندس سياست جا ئي پساھ پورا ٿي ويا.توهان کي به زندگيءَ ڏيڻي پوندي پوءِ معافي ملندي. ڀٽي صاحب چيو هو ته هاٿي جي يادگيري ڏاڍي تيز هوندي آهي، اھو ُڀلندو نھ آهي.
وسلام: زخم کاڌل لنڊني ڀائو!ا