سنڌ جي زمينن لاءِ پاڻي بند ڪرڻ وجود تي وار آهي: عوامي تحريڪ

سکر (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ سچل ڀٽي ۽ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي گڏيل بيان ۾ چيو ته سينيٽ جي پاڻي معاملن واري ڪميٽي چولستان ڪينال بابت بريفنگ طلب ڪري، چولستان ڪينال جو ڪم تيز ڪرڻ چاهي ٿي. پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زرخيز زمينن جو پاڻي بند ڪرڻ سنڌ جي وجود تي وار آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪينالن خلاف پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور ڇو نٿي ڪرائي؟ هنن چيو ته عوامي تحريڪ طرفان 22 ڊسمبر تي سکر ۾ ريلي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.