حيدرآباد ۾ اڄ کان اياز ميلو شروع

حيدرآباد(رپورٽر) ترقي پسند، انقلابي، رومانوي ۽ وطن دوست شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ٽن ڏينھن وارو ڏھون اياز ميلو اڄ کان شروع ٿيندو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي ٿيندڙ اياز ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه منجهند جو 3 وڳي ڪندو، ميلا ڪميٽي جي آرگنائيزر امر سنڌو ڪميٽي جي ٻين ميمبرن نامياري اديب تاج جويو، انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر   امداد چانڊيو، حسين مسرت شاھه، نسيم جلباڻي ۽ پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اياز ميلو قوم کي سياسي، سماجي، ثقافتي، ادبي ۽ تاريخي شعور بخشيندڙ ميلو آھي، ھي ميلو سنڌ جي شعور، ثقافت ۽ ادب جي وحدت جو جشن آھي. اياز ميلو ثقافت ۽ ادب جو سنگم آھي، ميلي ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ رواداري جي مسئلي تي اھم ويهڪون به ٿينديون، ميلي ۾ ناميارا راڳي مانجھي فقير، رجب فقير، صنم ماروي، تيمور رحمان، رفيق فقير، سيف سميجو، سڪندر شفيع فقير ۽ سگھڙن سميت ٻيا ڪيترائي راڳي فن جو مظاھرو ڪندا، ھن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اياز ميلي لاءِ بجيٽ ۾ گرانٽ مختص ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.