ڪراچي (رپورٽر) آل پاڪستان ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشن الائنس سنڌ حڪومت کي الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 24 ڊسمبر تائين اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته ڪراچي کي مڪمل طور تي جام ڪري ڇڏينداسين، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرانسپورٽر اڳواڻ لياقت خان مسعود چيو ته شهر ۾ ڊمپرن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ سبب اسان جو روزگار تباهه ٿي ويو آهي، 60 هزار ماڻهو بي روزگار ٿي چڪا آهن، ٽرانسپورٽ اڳواڻ شمس شهواڻي چيو ته سنڌ حڪومت اهڙو ڪو باءِ پاس ناهي ٺاهيو ته ڳريون گاڏيون شهر کان ٻاهر وڃي سگهن، نيشل هاءِ وي جي ڀرپاسي روڊ ٽٽل آهن، هن چيو ته اسان ٽول پلازا کي مهيني ۾ 3 ڪروڙ رپيا ڏيندا آهيون، ايڪسائيز ۽ ٻيا ٽيڪس پڻ ادا ڪندا آهيون، ان باوجود اسان کي ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.