ڪراچي (رپورٽر) بنا ڊرائيونگ لائسنس واري گاڏي ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ تي گاڏيون ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ موجب ٽريفڪ جام جو وڏو سبب اڻ تربيت ورتل ڊرائيور آهن. بنا لائسنس جي گاڏي هلائڻ جي اجازت نه ڏيندي، اهڙن ماڻهن جون گاڏيون ۽ موٽرسائڪلون ضبط ڪيون وينديون. آءِ جي سنڌ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ پوليس لاءِ نئون نظام آندو پيو وڃي، جنهن تحت جيڪڏهن هڪ ئي شخص جا 2 ڀيرا چالان ٿيندا ته ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. غلام نبي ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪيس داخل نه ٿيڻ سان جوابدارن کي فائدو ملندو هو، پر هاڻي اهڙي ريت ڪنهن به قسم جي ماضي جيان ڊيل نه ڪئي ويندي. خاص طور تي ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن جاري رهندو ۽ ڪنهن به ڏوهاري سان ڪا به ڊيل نه ڪئي ويندي.