مدرسن ۾ زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا: سينيٽر ثمينه ممتاز

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر ثمينه ممتاز سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڻ رجسٽرڊ مدرسن ۾ استاد غير تربيت يافته آهن، مدرسن ۾ به زيادتي جا  ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، ان تي قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڊي جي آر اي پاران موڪليل استاد تربيت يافته آهن، ثمينه ممتاز چيو ته مدرسن جي حوالي سان ڪهڙا تعليمي سڌارا آهن، منهنجي سوالن جا صحيح جواب نه ڏنا ويا، جڏهن ته تعليم واري وفاقي وزارت لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ته سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ٿيل مدرسن جو انگ 17 هزار 738 آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.