ڪرم ۾ حالتون خراب، تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ قبائلي جهيڙي کانپوءِ حالتون معمول تي ناهن اچي سگهيون، پشاور روڊ 70 ڏينهن کان بند آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوراڪ سميت دوائن جي کوٽ جو بحران ٿي پيو آهي. هاڻي تعليمي ادارن جي سربراهن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته صوبائي وزير هشام خان ۽ بئريسٽر سيف علائقي جي صورتحال کي غلط بيان ڪري رهيا آهن، حڪومت جي غلط حڪمت عملي جي ڪري هتي عوام بک ۽ علاج نه ٿيڻ سبب مري رهيو آهي. هن اعلان ڪيو ته حڪومت جي نااهلي خلاف جمعي کان اڻ اعلانيل مدي تائين احتجاجي طور تعليمي ادارا بند رهندا، مسئلا حل نه ٿيا ته ڌرڻا هنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.