دهشت گرد آزاد ڪرڻ تي عمران، باجوا ۽ فيض خلاف جاچ ڪرائي وڃي: ايمل ولي

اسلام آباد(م ڊ) اي اين پي اڳواڻ  ايمل ولي خان سينيٽ اجلاس ۾ ڳالھائيندي عمران سرڪار دوران دھشتگردن سان ري ڪنسيليشن واري معاملي جي جڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪندي  چيو آھي تھ ٻڌايو وڃي تھ  سھولت ڪار ڪير آھي؟ اھو جنھن وٽ ڪنھن دھشتگرد رات گذاري ھوندي يا اھو مسڪين جنھن کي خبر نھ ھئي ۽ ان ڪنھن کي ماني کارائي يا اھي سھولتڪار آھن جن 102 دھشتگرد قيدين کي آزاد ڪيو؟  اھي سھولتڪار آھن يا نھ ؟ عارف علوي جي صحيح سان اھي 102 قيدي آزاد ٿي ويا پوءِ تھ منھنجي خيال  ۾ سائيڪل چور ماني ۽ٻين چورن کان جيل خالي ڪرايا وڃن،هن چيو ته  آرمي پبلڪ اسڪول جي دھشتگرن کي توھان ڇڏيو ٿا تھ پوءِ قيدي نمبر 804 پنج ڇھھ انھن ڪھڙو ڏوھھ ڪيوآھي. جيڪو جنرل باجوا ، فيض ۽ عمران جو ڳٺ جوڙ ھيو،ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان ۽ بئريسٽر سيف خلاف مان عدالت ويس  تھ ھي ري ڪنسيليشن ھن قوم سان مذاق  آهي  ڪھڙن شرطن ضابطن تي چاليهھ ھزار دھشتگردن کي پنھنجي ملڪ ۾ آڻي ترسايو ٿا؟ عدالت ويس اتي جج ڏڪن ٿا جو سامھون جنرل جو نالو اچي وڃي ٿو. عدالت چيو اھو اسان جو نھ حڪومت جو ڪم آھي. مان وزيراعظم شهبازشريف وٽ ويس درخواست کڻي  ويس تھ ھي ملڪ سان ظلم ٿيو آھي انھن خلاف انڪوائري ٿئي جڊيشل ڪميشن جڙي،وزيراعظم کلي پيو،مون کيس چيو ته درخواست ردي ۾ نھ اڇلايو،هن چيو ته مان توھان کي ھن چيئر کي درخواست ڪريان ٿو تھ ھنن جي سھولتڪارن کي ختم ڪريو جيستائين پاڪستان جي نصاب مان ۽ ادارن جي نظرئي  مان دھشتگردي ختم نھ ڪنداسين دھشتگردي ختم نھ ٿيندي. مان درخواست ڪيان ٿو تھ جڊيشل ڪميشن ان معاملي تي جوڙي وڃي جنھن ۾ عارف علوي،عمران نيازي،جنرل باجوا،فيض حميد،محمود خان ۽ بيرسٽر سيف خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي تھ مفاهمت ڪھڙي بنياد تي ڪئي وئي،پ پ دهشت گردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.