مون هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ جنهن موضوع تي سوچيو وس آھر پڙھيو آھي اهو هن ڪائنات جي باري ۾ سمجهڻ آھي. هي ڪائنات موجودا سموري سائنس موجب حيرت ناڪ طور تمام گهڻي وسيع آھي جنهن جي سرحدن جو اندازو سائنسدان به لڳائي ناهن سگهيا ڇو ته اها هر وقت پکڙجي رهي آھي
هي ڪائنات ئي قدرت جو تمام وڏو لقاءُ آھي جيڪو حيرت ۾ وجهندڙ آھي اها حيرانگي هر وقت وڌندي رهي ٿي ڇو ته انسان ان کي جئين جئين سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اها وڌيڪ پيچيدا ٿيندي رهي ٿي. هن وقت ڪائنات جي بي انت وسعتن کي سمجهڻ لاءِ وڏي رڪاوٽ وقت ۽ مفاصلو آھن ان سان گڏ هڪ ٻي ڳالهه جو واڌارو ڪندس دنيا ۾ طبقاتي نظام جو هجڻ جيڪڏھن طبقاتي نظام نه هجي ته شايد سائنس توڙي ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪري چڪا هجن ها جو هاڻ اسين وقت ء مفاصلي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو طريقو دريافت ڪري وجهون ها ان جي دريافت هڪ وڏو ڇال هجي ها
هن وقت به ڪائنات تي تحقيق ڪندڙ ادارن تي ايترو خرچ نه پيو ڪيو وجي اهي سخت مالي خساري جو شڪار آھن هن وقت وري روزانو اهي نيون نيون ڳالهيون مارڪيٽ ۾ اڇلرايون وينديون آھن ته هن ڌرتي کي ايلينس جو خطرو آھي اهي اسان کي تباهه ڪري ڇڏيندا وغيرهه ڇو ته اهي پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن به شعور واري يا انهن جي سطح جي شعور واري مخلوق کي هو برداشت نه ڪرڻ چاهيندا مطلب قسمين قسمين ڪهاڻيون آھن پر ان تي فڪشن کان سواءِ ڪو ڪم نه پيو ٿئي. ڪائنات بابت سمجهه توڙي ريسرچ ۾ وڏي رنڊڪ ھي موجودا سرمائيداري گلوبل آرڊر آھي ان جي مفاد ۾ جيستائين اها ڳالهه ناهي تيستائين هو هن ڪائنات جي وسعتن کي ان جي سسٽم کي سمجهڻ لاء پئسا خرچ نه ڪندو هن وقت به سائنسدانن کي ريسرچ لاءِ پئسي جي شديد کوٽ آھي
هن ڪائنات جي سمجهه سان شايد هتي دنيا ۾ به سمورو نظام بدلجي وجي هن وقت دولت جو پوجاري انسان هن وقت جيڪو انسان توڙي فطرت مخالف ٿي سموري هن ڌرتيء کي تباهه ڪري رهيو آھي پوء شايد ائين نه رهي هن جي اڳيان تضادن جي نوعيت ڪجهه ٻي ٿي وجي سمورا تعلق بدلجي وجن .هن وقت دنيا اڳيان وڏاچئلينج ماحولياتي تباهي نيوڪليائي توڙي جراثيمي هٿيار آھن ڪرونا کي به جراثيمي هٿيار طور ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پوءِ ان کي لڪايو ويو. بحرحال هن وقت انسان جي اڳيان سڀ کان وڏو چئلينج هن لا انت بي حد بيڪران ڪائنات جي وسعتن کي سمجهڻ آھي. هي تمام اهم موضوع آھي. ان بابت ڪجهه دوست ئي دلچسپي رکن ٿا، ريسرچ ڪن ٿا پڙھن ٿا اسان جي سماج جو موضوع هن وقت به سائنس ڪائنات ان جون لامحدود سرحدون ناهن هتي انسان هر وقت پنهنجي زندا رهڻ جا جتن ڪندو ٿو رهي ان وٽ وقت ئي ناهي ته ڪجهه وڌيڪ سوچي ان کان اڳتي سندس موضوع اهي ئي آھن جيڪي حڪمران طبقا کيس ڏيندا آھن
مون کي اميد آھي ته انسان جلد يا دير هن ڪائنات جي اهم رازن تان وڌيڪ پردا هٽائي ويندو. وقت ۽ مفاصلي کي سمجهي انهن جو ڪو حل ڪڍي سگهندو ڇو ته ڪائنات ۾ نوري سالن جو مفاصلو آھي مطلب اتي وقت جي رفتار روشني جي برابر آھي نوري سال جو مطلب آھي روشني جيترو هڪ سال ۾ سفر ڪري اهو فقط ميٿاميٽڪس وسيلي سمجهي سگهبو انسان هنن سڀني مسئلن کي سمجهڻ حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر کيس بهتر طريقي موقعو فراهم ڪيو وجي هن وقت سموري انساني شعور جو معراج به هن ڪائنات جي باري ۾ وڌ کان وڌ سمجهڻ ادراڪ ڪرڻ آھي سموري سائنس جو هن وقت وڏي ۾ وڏو ڪم هن ڪائنات جي ساخت ان جي سموري حرڪت کي سمجهڻ آھي