پارا چنار جي مظلومن جي صدا ٻڌو

تحرير: اعجاز ممنائي

خيبر پختونخواھ جو علائقو پاراچنار پاڪستان جو مظلوم ترين علائقو رهيو آهي جتي وڌ کان وڌ دهشتگرديء جا واقعا ٿيندا رهيا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت نالي ڪابه شيء ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي۔ صوبائي حڪومت ماڻهو مرندي به پنهنجي پارٽي ليڊر لاءِ احتجاجن ۾ مصروف آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جو سڄو ڏوهه صوبائي حڪومت مٿان ڏئي پنهنجا پانڊ آجا ڪيو ويٺي آهي پر سوچڻ وارا اهو سوچن ٿا ته فورسز جي تحفظ ھيٺ هلندڙ ڪانوائي دوران مسافرن کي گاڏين مٿان وحشتناڪ دھشتگردي ڪري مسافرن کي  ڳولي ڳولي بيدردي سان گولين جو شڪار بڻائي جانورن جيان ماريو وڃي.اتان جي معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ بزرگن  کي به بخش نه ڪندي بيگناھ انسانن کي شهيد ڪري ڪربلا جي ظلمن جي ياد کي تازو ڪيو ويو.

ڳالهه رڳو اتي ختم ٿئي ته کڻي خاموشي ڪجي پر ظلم جي انتها اها آهي جو پاراچنار طرف ويندڙ روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن جنهن سبب پارا چنار مڪمل طور پاڪستان کان نه رڳو ڪٽيل آهي پر هن وقت ڪيترن ئي اندروني مشڪلاتن ۽ مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ۔دوائن جي کوٽ جون دانهون اچي رهيون آهن۔ ڇوته مين بل پارا چنار روڊ بند آهي پر سڀ کان اهم مسئلو جنهن کي هن وقت منهن ڏئي رهيا آهن، اهو آهي اسڪول مان ڀتا خوري. اسڪول جيڪي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. هاڻي صورتحال ان سطح تي پهچي چڪي آهي جو جيڪڏهن ڪو ٻار ماهوار فيس نه ٿو ڏئي ته ان کي سالياني امتحان ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي.مستقبل سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هاڻ انهن خانگي اسڪولن جي مالڪن کي ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

پر اسان اهو سوال ڪنداسين ته انهن ڏکين حالتن ۾ جڏهن مقامي بئنڪن ۾ پئسا ناهن ته عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ته اهي فيس ڪيئن ڏئي سگهندا۔ انڪري سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ جيڪا نسل ڪشي ٿي رهي آهي اها نهايت ئي ڏکائيندڙ ڳالهه آهي جيڪڏهن حڪومت ان علائقي کي نظرانداز ڪندي ته اهي ماڻهو ملڪ ۽ قوم خلاف محازآرائي ڪندا گذريل مهيني خوني ڪارروائي ۾ 38 انسانن جون زندگيون ضايع ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون . ان  وحشياڻي دھشتگردي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران روايتي مذمتي بيان جاري ڪيا ويا آھن. ان ڏکوئيندڙ واقعي کان اڳ پارا چنار ۾ لاڳيتو قتل عام وارن واقعن جي سببن کي ڳولي ڪنهن ٺاھ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ھا، ته ھن حملي جي ڪري انسانن جون جانيون بچي وڃن ھا.  ھن خوني ڪاروائي تي حڪومتن کي پنهنجي ناڪامي ۽  بيوسي تي قوم کان معافي وٺي پنهنجي نااهلي کي تسليم ڪندي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌندي گهٽ ۾ گهٽ ھاڻ حفاظتي انتظامن لاءِ ظالمن خلاف مقامي سطح تي جرڳا سسٽم تحت جوڳا قدم کڻڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي. جيئن پاراچنار مان موڪلائي ويل امن ڀريون خوشيون واپس موٽي اچن ۽ سموري ملڪ ۾ بيچيني واري صورتحال ۾ ڪمي اچي سگهي.جس آهي ايڌي فائونڊيشن کي جنهن انسانيت جي ناتي دوائون ۽ ٻيو گهربل سامان پاراچنار موڪليو ۽ سندن واهر ڪئي وئي.

ياد رهي ته ڪرم ضلعي جون حدون ٽن هنڌن کان افغانستان سان ملنديون آهن، جڏهن ته هر دهشتگردي واردات ۾ ٻاهرين هٿن جي ملوث هجڻ جا اشارا ملندا رهيا  آهن، پر پوءِ به ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي پر ڏينهون ڏينهن ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي۔ اسانجو ملڪ هن وقت اڳ ئي سخت سياسي ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل آهي، هڪ طرف چيني انجنيئرن تي حملا ٿي رهيا آهن، بلوچستان الڳ ٻري رهيوآهي، جتي مسلسل سيڪيورٽي اهلڪارن توڙي سول آبادي تي حملا ۽ بم ڌماڪا ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پاراچنار واقعو خيبرپختونخواه ۾ امن و امان جي انتھائي خراب صورتحال  جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي، جنھن تي هر محب وطن شهري غمگين ۽ پريشان آهي. هن علائقي ۾ مستقل بي گناهه ماڻهن جو رت وهائڻ قابل مذمت هجڻ سان گڏ سڪيورٽي ادارن جي وڏن وڏن آپريشنن لاءِ به سواليه نشان آھي. ايئن لڳي ٿو ته هڪ منظم رٿابندي سان سڄي ملڪ ۾ فرقيواراڻا فساد ڪرائڻ جي سازش رٿي وئي آهي.

اها به حقيقت آهي ته وفاقي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران ڄنڊاپٽ واري سياست ۾ مصروف آهن ۽ ڪيترن ئي سالن کان سياسي بيان ٻڌندا پيا اچون ته   “اسان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي” جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پاراچنار جا عوام جو ڪهڙو قصور آهي جنهن جي کين سزا ڏني پئي وڃي.  پارا چنار واقعي پويان قبائلي جھيڙي ۽ زمينن تي قبضي جون  ڳالهيون پڻ ڪيون پيون وڃن جيڪا برطانيا جي دور ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ ونڊ ورھاست ٿيل آھن. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ به اهڙن دردناڪ واقعن جي پويان اهو ئي چيو ويو هو. پر اسان ته حڪومت طرف ڏسون ٿا ته اها ڇا ڪري رهي آھي؟ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عوام جي لساني ۽ فرقيوارانه بنيادن تي ورهاست ملڪ کي ڪمزور بڻائي ٿي. ضلعي ڪرم پاراچنار ۾ مذهبي منافرت جي بنياد تي وڏي وقت کان رتوڇاڻ جاري آهي، جنهن کي روڪڻ شايد حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي۔ هن وقت عوام وفافي ۽ صوبائي حڪومتن کان سوال ٿو ڪري ته هيترا سارا سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارا هئڻ باوجود دهشتگرد پنهنجي مقصدن ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي ٿا وڃن۔ قومي ايڪشن پلان ڪٿي پيو ڪم ڪري؟ جيڪڏهن هن علائقي  کي ائين آزاد ڇڏي مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهندو ته بد امني  جي فضا اڃا وڌندي ۽ سڄي ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿي گهرو ويڙهه شروع ٿيندي۔ ڇوته بکيو شينهن پنهنجاٻچا به کائڻ ۾ دير ناهي ڪندو. انڪري دھشتگردي جي ناسور جو خاتمو قومي سلامتي لاءِ اڻٽر آھي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ضلعي ڪرم (پاراچنار) ۾ امن امان جي قيام لاءِ مستقل بنيادن تي گرينڊ جرگو ڪيو وڃي، بيگناهه ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث ٽولن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ فوراً عدالتي ڪميشن قائم ڪري اصل حقيقتن کان قوم کي آگاہ ڪري ۽ جٽادار امن لاءِ پلان پيش ڪري. رياست پنهنجي قانون جي رٽ قائم ڪري ٻي صورت ۾   انتشار پکڙجندو ۽ سڄو ملڪ افراتفري جي ور چڙهي ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.