پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾، ٽرئفڪ حادثا وڌندا پيا وڃن. روزانه اخبارن ۾ حادثن جون خبرون ڇپجن پيون. حادثن ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿي رهيو آهي. اڳ ۾ جيڪي به حادثا ٿيا آهن. تن جو ڪوبه ازالو ٿي ڪونه سگھيو آهي. ۽ نه وري ڪو ٿي سگھي ٿو. ازالو ڪرڻ ناممڪن ۽ ڏکيو آهي. ريلوي حادثا به ٿين ٿا. ريل گاڏيون به حادثن جو شڪار ٿيو وڃن ٿيون. پر، اهي حادثا گھٽ تعداد ۾ ٿين ٿا. البته روڊ ٽرئفڪ جي حادثن کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. جن ۾ زيان ۽ نقصان گھڻو ٿو ٿئي. جڏهن ته روڊ حادثا گھڻا ٿين ٿا. اهو، ڪو ڏينهن خالي ڪونه آهي جو حادثو نه ٿيندو هجي. جنهن ڪري اهو چيو وڃي ٿو ته، روڊن تي سفر ڪرڻ هڪ رسڪ آهي. سدائين خطرو رهي ٿو. پر، مجبوري ۾ سفر ڪرڻو پئجيو وڃي ٿو. گھڻا تڻا ماڻهو سفر ڪرڻ کان اڳ ۾ سفربخير جون دعائون گھري پوءِ، روانا ٿيندا آهن. اڳ ۾ ئي اسان وٽ سفر جي سهولتن جي اڻاٺ آهي. مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪونه ٿيون ڪيون وڃن. ويتر روڊ حادثن ماڻهن کي منجهائي ۽ پريشان ڪري وڌو آهي. حادثن تي ڪوبه ضابطو ڪونه ڪيو پيو وڃي.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڄاڻايل حادثا ڇو ٿا ٿين؟ حادثن جا ڪهڙا سبب ۽ ڪارڻ آهن جو وڏو قومي نقصان ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان عرض ڪندو هلان ته، حادثن جا کوڙ ڪارڻ آهن. پر، آئون هتي چند اهم سببن کي بيان ڪريان ٿو. ياد رهي ته هن وقت ڊرائيورن کي وڏي ڇڙواڳي آهي. جنهن ڪري اهي بي لغام آهن.جيڪي به حادثا ٿي رهيا انهن ۾ ڊرائيور ئي ملوث آهن. ڊرائيورن جو من وڌندو پيو وڃي اڪثر ڊرائيور گاڏيون تيز هلائين ٿا. تيز رفتاري جي ڪري، اهي ڪنٽرول مان نڪريو وڃن ۽ ڪلٽي ٿيو پون يا وري تيز رفتاري ۾ ڪي گاڏيون ٻين گاڏين سان ٽڪرجيو وڃن ٿيون. ٻنهي صورتن ۾ حادثا پيش ايندا رهن ٿا
اڪثر ڪري ڊرائيور حضرات اوورٽيڪنگ (over Taking) ڪرڻ ۾ غلطيون ڪندا آهن. هڪ گاڏي کي ڪراس ڪرڻ مهل اوچتو سامهون ٻئي گاڏي اچي ويندي آهي. پوءِ آمهون سامهون انهن جي درميان ٽڪر ٿيو پوي. اهڙو حادثو انتهائي خطرناڪ ۽ ڀيانڪ ٿئي ٿو. اهڙن حادثن ۾ ڪيتريون قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون ۽ ڪيترائي مسافر معذور ٿيو وڃن. ڊرائيور حضرات اوورٽيڪ ڪرڻ مهل تڪڙ ڪندا آهن احتياط کان ڪم ڪونه وٺن. ان ڪري اهي حادثا رونما ٿين ٿا. جن ۾ گاڏيون به تباهه ٿيو وڃن ٿيون. اهڙا حادثا اڪثر ڪري انهن روڊن تي ٿيندا آهن. جتي هڪ روڊ (Single Road) هوندو آهي. سموري ٽرئفڪ هڪ ئي روڊ تي هلندي آهي. جنهن ڪري اهڙن هونئن به گھڻا حادثا ٿين ٿا. پر، ڪراسنگ ۽ اوورٽيڪنگ جي وقت ٿوري بي احتياطي به حادثن جو سبب آهي. هونئن به روڊن جي حالت خراب ڏسڻ ۾ اچي ٿي. روڊن ۾ کڏا کوٻا آهن. اهي هڪ دفعو ٺاهيا وڃن ٿا ته ٻيهر انهن جي مرمت نه ڪرڻ جي ڪري پٿر نڪري رهيا آهن. جيڪي گاڏين کي هلڻ ئي ڪونه ٿا ڏين. ٽرئفڪ لاءِ وڏي مصيبت آهن.
هن وقت، موبائيل جو دور آهي. ملڪ جي اڪثر ماڻهن وٽ موبائيل فونون آهن. جيڪي هر وقت استعمال ڪيون وڃن ٿيون. جنهن ڪري ڪم ڪارين ۾ به خلل پئجي رهيو آهي. بلڪل اهڙي طرح اڪثر ڊرائيورن وٽ به اهي آهن. ڪي ٿورا ڊرائيور هوندا جن وٽ اهي موبائيل فون ڪونه هونديون. گھڻن تڻن ڊرائيورن کي ڊرائيونگ ڪرڻ مهل به موبائيل ڪن تي هوندي آهي ۽ ان تي ڳالهائيندا رهندا آهن. حالانڪه ٽرئفڪ جي قاعدن ۽ قانونن موجب ڊرائيونگ دوران فون تي ڳالهائڻ منع آهي. پر، پوءِ به ڊرائيور حضرات مڙن ڪونه ٿا ۽ قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي به فون تي ڳالهائيندا وتن. ڪيترن ئي ڊرائيورن جو موبائيل فون تي ڳالهيون ڪرڻ ڏانهن ڌيان هليو وڃي ٿو پنهنجي ڊرائيوري کان توجه هٽيو وڃين نتيجي ۾ حادثا ٿين ٿا. انهن حادثن ۾ به گھڻو نقصان ٿئي ٿو. موبائيل فون تي، ڊرائيورن جي ڳالهه ٻولهه خطري جي گھنٽي آهي. پر، ڪي ڊرائيور وري مذڪوره فون کي، ڊرائيونگ دوران بلڪل ئي استعمال ڪونه ڪن ۽ ٽرئفڪ جي قاعدن ۽ قانونن جي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. جنهن ڪري اهو ضروري آهي ته، جيڪي ڊرائيور، گاڏي هلائڻ دوران موبائيل فون تي ڳالهائين ٿا. انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ائين ڪرڻ سان حادثن ۾ گھٽتائي ۽ ڪمي اچي سگھي ٿي. جيڪڏهن انهن تي سختي نه ڪئي ويئي ۽ هو موبائيل تي ڳالهائيندا رهيا ته حادثن ٿيڻ جا خطرا به هر وقت ڪر کنيو بيٺا هوندا.
ڪيترائي ڊرائيور وڏي ۽ ڊگھي مفاصلي تائين ڊرائيونگ ڪن ٿا. لاڳيتو ڊرائيونگ ڪرڻ سان ٿڪجيو پوندا آهن. کين آرام ڪرڻ جو به موقعو ڪونه ٿو ملي. پوءِ، گاڏي هلائڻ دوران کين ننڊ جا جهوٽا پيا ايندا. انهن کي ننڊ اچيو وڃي. ان صورت ۾ گاڏين کي حادثن کان بچايو ڪونه ٿا سگھن ۽ حادثا رونما ٿين ٿا. اهڙا حادثا ڪيترائي دفعا ٿيا آهن. جيڪي ڊرائيورن جي بي آرامي جي نتيجي ۾ ٿين ٿا. جنهن ڪري وڏي رننگ ۾ هڪ ڊرائيور ٿڪجي پوي يا کيس آرام ڪرڻ جي ضرورت پوي ته ان جي جاءِ تي ٻيو ڊرائيور گاڏي سنڀالي ۽ ڊرائيونگ ڪري. هن وقت ڪراچي مان جيڪي ڪوچز نڪرن ٿيون. سي ملڪ جي دور دراز شهرن تائين وڃن ٿيون. تن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊرائيور هوندا آهن. پر، اتفاقي ڪنهن گاڏي ۾ هڪ ڊرائيور هوندو آهي. جنهن کي آرام ڪرڻ جو وقت ۽ موقعو ڪونه ٿو ملي. ڪافي دفعا ٻڌو اٿئون ته، گاڏين کي اوچتو باهه لڳيو وڃي ٿي. ماڻهو گاڏين مان نڪري ڪونه سگھن. جنهن ڪري باهه ۾ سڙيو مريو وڃن ٿا. باهه انجڻ ۾ فالٽ يعني خرابي هئڻ جي ڪري به لڳندي آهي. گئس سلينڊر فاٽڻ جي ڪري به باهه گاڏي کي وڪوڙيو وڃي. ماڻهن سميت گاڏي سڙيو راک ٿيو وڃي. اهڙا کوڙ واقعا ٿيا آهن. ٿورو ذهن تي زور ڏبو ته ڪيترائي واقعا ذهن جي اسڪرين تي اچي ويندا. هڪ واقعو، مون به پنهنجي اکين سان ڏٺو، هڪ وين جو گئس سلينڊر ڦاٽي پيو. چون ٿا ته، اندر ڪنهن مسافر سگريٽ پئي پيتو. اوڏي مهل سلينڊر به ڌماڪو ڏيئي ڦاٽي پيو. گاڏي کي باهه وڪوڙي ويئي. مسافر رڙيون ڪندا رهيا. ڪجهه ماڻهو ٻاهر نڪري آيا. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر به بروقت گاڏي مان نڪري ويا. سي باهه ۾ سڙڻ کان بچي ويا. باقي ماڻهو سڙي ڀسم ٿي ويا. روڊ تي بيٺل ماڻهو به بيوس هئا. انهن وٽ ڪابه شيءِ ڪونه هئي جو باهه کي اجهائي سگھن. اهي صرف توبهون ڪندا رهيا. ان کان علاوه گاڏين جا ٽائر ڦاٽڻ ۽ ٽائر راڊ ڀڄي پوڻ جي صورت ۾ به نقصان ٿئي ٿو. اهڙي قسم جا واقعا اوچتو ٿيندا آهن. جن جي اڳواٽ خبر ڪونه ٿي پئجي سگھي جيڪڏهن ڊرائيورن کي اڳ ۾ معلوم ٿي وڃي ته اهڙا اتفاقي حادثا نه ٿين.
جيڪي ڊرائيور تيز رفتاري سان گاڏي هلائين يا ٽرئفڪ جي قانون جي لتاڙ ۽ ڀڃڪڙي ڪن ان صورت ۾ ڊرائيورن کي ڏنڊ طور چالان ڪرڻ گھرجي. ڪي، پوليس وارا ايماندار آهن اهي ڊرائيورن کان ڏنڊ جا پئسا وٺيو چالان جمع ڪرائين ٿا. پر، جيئن ته هن وقت روشوت خوري عروج تي پهتل آهي. رشوت اسان وٽ هڪ ناسور آهي. هر، کاتي ۾ کلم کلا رشوت ورتي وڃي ٿي. بلڪل اهڙي طرح ٽرئفڪ پوليس به ڊرائيورن کان رشوت وٺيو کين ڇڏيو ڏيئي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هاڻ، موٽروي واري پوليس به لڪ ڇپ ۾ پئسا وٺي رهي آهي. اتي به رشوت شروع ٿي چڪي آهي. ان سڄي صورتحال کان حڪومت ڀلي ڀت واقف آهي. جنهن ڪري حڪومت کي گھرجي ته هن طرف توجه ڏيئي حادثن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊرائيورن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ گھرجي تڏهن وڃي روڊ حادثن تي ڪنٽرول ٿيندو.