ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت گئس جي اگهن ۾ واڌ واري اوگرا جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي بيان ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مهانگائي سبب عوام وٽ وڌيڪ بار کڻڻ جي طاقت ناهي، اوگرا ۾ ويٺل بابو اڳ ئي 200 سيڪڙو اگهه وڌائي ڇڪا آهن، وفاقي حڪومت اوگرا جي فيصلي تي عمل ڪرڻ کان اڳ صوبن سان مشاورت ڪري.