اسلام آباد(بيورو/م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جا ذميوار ايجنٽ آهن. کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ تيل سستو هئڻ باوجود دال ۽ مرغي جي قيمتن جو جائزو وٺڻ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار مڊل مين(دلال) آهن. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته گذريل مالي سال ۾ ترسيل 30.2 بلين ڊالر تائين پهچي ويا آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ 9 ارب ڊالر جي آمد ٿي آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته دال، مرغي ۽ ماش عالمي مارڪيٽ ۾ سستي ۽ پاڪستان ۾ مهانگي ٿي رهي آهي. هن چيو ته معاشي ميدان ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، ناڻي پهچ ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ملڪي معيشت مستحڪم قدمن سان استحڪام جي رستي تي گامزن آهي. وفاقي ناڻي واري وزير چيو ته ايڪسپورٽ سيڪٽر ۾ به مثبت رجحان آهي، اسٽيٽ بئنڪ مسلسل پنجون ڀيرو پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪئي آهي.