اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گئس جي اگهن ۾ 25.78 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اوگرا گيس جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ اوگرا گيس جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. اوگرا سنڌ ۽ بلوچستان جي گيس واهپيدارن لاءِ سراسري 25.78 سيڪڙو جڏهن ته اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي گئس واهپيدارن لاءِ 8.71 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني. اوگرا سوئي سدرن جو سراسري ٽيرف 1 هزار 762 رپيا 51 پئسا في ميٽرڪ ملين برٽش ٿرمل يونٽ (ايم ايم بي ٽي يو) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته سوئي ناردرن جو سراسري ٽيرف 1778 رپيا 35 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.