يو اي اِي جي قومي ڏينهن تي تقريب، صدر ۽ وزيراعظم شريڪ

اسلام آباد(م ڊ) متحده عرب امارات جي 53 قومي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ۾ صدر ۽ وزيراعظم شرڪت ڪئي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ يو اي اي کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪار جو ماحول آهي، اسين امارات سان آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ سياحت سميت اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا، يو اي اي شاندار ترقي ڪئي آهي، پاڪستان جو اهم اقتصادي دوست آهي، ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي جا ٿورائتا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حمايت جاري رکندو، اسان گڏيل عرب امارات جي صدر جي جلد پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.