لنڊن (م ڊ) برطانوي عدالت 10 ورهين جي نينگري ساره شريف جي قتل ڪيس ۾ والدين کي سزا ٻڌائي ڇڏي. لنڊن جي ڪرمنل ڪورٽ اولڊ بيلي ساره جي پيءُ عرفان شريف ۽ ويڳي ماءُ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته سارا شريف جي چاچي فيصل ملڪ کي 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جج رمارڪس ڏنا ته عرفان شريف کي گهٽ ۾ گهٽ 40 سال جيل ۾ گذارڻا پوندا. بينش بتول کي گهٽ ۾ گهٽ 33 سال جيل ۾ گذارڻا پوندا. هن وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته گهٽ ۾ گهٽ سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ به آزاد ٿيڻ جي ڪا به ضمانت ناهي، گهٽ ۾ گهٽ سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ پيرول جو فيصلو ڪيو ويندو. سارا جو لاش 10 آگسٽ 2023 تي ووڪنگ ۾ سندس گهر مان مليو. جوابدار پاڪستان فرار ٿي ويا هئا ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ برطانيا پهتا ته کين گرفتار ڪيو ويو هو.
-
سنڌ ۾ سياري جون موڪلون 21 کان 31 ڊسمبر تائين هونديون
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، موڪلون 21 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين هونديون، ان حوالي سان سنڌ جي تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب فيصلو سمورن خانگي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن تي لاڳو هوندو.