سياستدانن جي مستقبل بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي:پاڳارو

سکر/لکي (نمائندن وٽان ) حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو فنڪشنل ليگ اڳواڻ محمد بچل مهر جي اخوت نگر واري رهائشگاهه تي پهچي ويو، سکر شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اٺين پير پاڳاري جي سکر آمد ٿي آهي   پير پاڳاري مريدن ۽ مريدياڻين کي ديدار ڪرايو، ان موقعي تي پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ راشدي ميڊيا سان سان غير رسمي گفتگو ڪندي  عمران خان ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي مستقبل ڇا آهي؟  جي سوال تي چيو ته  پاڪستان ۾ ڪنهن جي به مستقبل بابت نٿو چئي سگهجي،  هتان جي سياستدانن جي مستقبل جي صرف خدا کي خبر آهي، اسان روحاني سفر تي آهيون الله پاڪ ڀلائي ڪندو.هوڏانهن حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو صبغت الله راشدي لکي غلام شاهه لڳ پهچي پنهنجي مريدن ۽ عقيدت مندن کي روحاني ديدار ڪرايو ڳوٺ گڻگائي مهر ۾ فقير قربان مهر فقير نورالدين مهر فقير ڀاڳيل مهر راڻو فقير ڳوٺ ڪلهوڙا ۾فقير آچر ڪلهوڙو ارشاد ڪلهوڙو مسڪين ۽ ٻين پاران آجيان ڪئي،  پير پاڳاري خصوصي دعا گهر هزارن جي تعداد پهتل مريدن مريدياڻي کي روحاني ديدار ڪرايو ، جنهن کانپوءِ پير پاڳارو بلوچستان جي سفر تي روانو ٿي ويو،  جڏهن ته اڄ ٻيهر پير پاڳارو لکي غلام شاهه لڳ ڳوٺ رڪ پهچي مريدن کي ديدار ڪرائيندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.