خيرپور ۾ ڪئنالن خلاف ايس يو پي جي ريلي

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع خيرپور طرفان سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف  خاڪي شاهه پل کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ جي ڊي اي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي فياض خميساڻي، شبير جمالي، حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، صابر حسين مهيسر ڪري رهيا هئا جن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق پاران پنجاب جي بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ کي مڪمل رد ڪيون ٿا،  هنن چيو ته سنڌ صوبي ۾ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، جنهن سبب سمنڊ سنڌ جي زمين کي پائيندو پيو وڃي ۽ سنڌو درياهه مان جيڪڏھن ٻيا ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.