اسلام آباد(بيورو/م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي لاءِ پاڻي جي منصوبي ڪي فور رٿا لاءِ وفاق کان 10 ارب رپيا گهري ورتا آهن. مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي قسط طور 15 ڪروڙ رپيا 3 آڪٽوبر تي جاري ڪيا ويا، جڏهن ته ڪي فور تي 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت جون 2025ع تائين 70 سيڪڙو رقم ڏيندو. هن چيو ته ڊسمبر کان جنوري تائين ڪوٽڙي بئراج جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪئنال بند ڪيو وڃي ته ان منصوبي تي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کان ڪي فور منصوبي لاءِ 10 ارب رپيا فوري طور فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير وزير اعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪي بي فيڊر جي 38 ميلن کي سيمينٽ ڪنڪريٽ سان لائين لڳائڻ سان ڪراچي کي 510 ڪيوسڪ اضافي پاڻي ملي سگهندو. هن چيو ته منصوبي جي منظوري 19 جولاءِ 2022ع تي اي سي اين سي مان ڏني وئي هئي، گذريل مالي سال دوران رڳو 20 ارب رپيا خرچ ٿيا. جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ 3 ارب رپين سان 7 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ۽ هلندڙ مالي سال دوران 10 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي قسط طور 15 ڪروڙ رپيا 3 آڪٽوبر تي جاري ڪيا ويا، جڏهن ته ڪي فور تي 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت جون 2025ع تائين 70 سيڪڙو رقم ڏيندو. هن چيو ته ڊسمبر کان جنوري تائين ڪوٽڙي بئراج جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪئنال بند ڪيو وڃي ته ان منصوبي تي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ٿي سگهي ٿو.