هاءِ ڪورٽ ۾26هين ترميم کانپوءِ ڪيسن جي دائري تان بينچن ۾تڪرار برقرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ آئيني ۽ باقاعدي بينچن ۾ ڪيسن جي دائري جو تڪرار برقرار آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جي حڪم باوجود تڪرار حل نه ٿي سگهيو.جسٽس جنيد غفار غير قانوني  اڏاوتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جي دائري اختيار تي به سوال اٿاريا.جسٽس جنيد غفار چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف مختلف قسمن جي درخواستن تي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي آهي .جسٽس جيند غفار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ اهو معاملو آئيني بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي.وڪيل درخواستگذار مشتاق ميمڻ چيو ته ٻه رڪني بينچ آئيني ۽ باقاعده بينچن ۾ڪيسن جي ٻڌڻي جي دائري اختيار بابت واضح حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس جنيد غفار چيو ته جيڪڏهن درخواست جي استدعا خارج ٿيڻ جي صورت ۾ ئي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي سگهي ٿي، تڏهن به ريگيولر بينچ ٻڌڻي ڪندي .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس آئيني بينچ ريگيولر بينچ ڏانهن اماڻيو آهي .جسٽس جنيد غفار چيو ته اسان وٽ هن وقت محدود اختيار آهن، آئيني بينچ جي ڪم ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون .جسٽس جنيد غفار چيو ته اسان کي ٻه رڪني بينچ جي دائري اختيار بابت تفصيلي فيصلي جو به جائزو وٺڻو آهي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.