ڪراچي (رپورٽر) تعليم ۽ معدنيات واري ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سياري جي شدت کي نظر ۾ رکندي، خانگي اسڪولن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته اهي شاگردن جي يونيفارم ڪوڊ ۾ نرمي ڪن ته جيئن ٻارن کي سياري کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ انهن جو تعليمي سلسلو جاري رکي سگهجي. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير تعليم جي هدايت تي ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشنز اينڊ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سنڌ پاران خانگي اسڪولن لاءِ هڪ سرڪيوليشن جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي هدايت مطابق اسڪولن کي سياري دوران يونيفارم ڪوڊ ۾ نرمي ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪول ۾ ايندڙ ٻارن کي سوئيٽر، ڪوٽ، جيڪٽ، ڪيپ، جرابيون، جوتا ۽ ٻيون شيون پائڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڊائريڪٽوريٽ طرفان جاري ڪيل هدايتن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارن جي صحت جي حفاظت لاءِ سياري کان بچاءَ ۾ انهن سان تعاون ڪيو وڃي