ڪرم ۾ حالتون نه سڌريون، علاج نه ٿيڻ سبب 29 ٻار فوت

پشاور (م ڊ) پارا چنار اسپتال جي ايم ايس انڪشاف ڪيو ته ڪرم ۾ علاج نه ٿيڻ سبب 2 مهينن دوران 29 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.  جيڪڏهن دوائون ۽ ٻيون سهولتون نه مليون ته وڌيڪ بحراني صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله موجب ڪرم ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بابت گرينڊ جرڳو ٻيهر شروع ٿيندو. ٻئي طرف ڪرم ضلعي جي پشاور-پارچنار شاهراهه گذريل 70 ڏينهن کان بند آهي. روڊ بند ٿيڻ سبب ضلعي ۾ خوراڪ، پيٽرول، گيس ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.  ياد رهي ته ڪرم ضلعي ۾ قبيلائي جهيڙي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا هئا، جنهن کانپوءِ روڊ رستا اڃا تائين بند آهن، جڏهن ته امن امان بابت قائم ڪيل جرڳو گذريل اجلاس ۾ به ڪنهن نتيجي تي نه پهتو هو. هوڏانهن وفاقي ڪابينا ڪرم ۾ دوائن جي کوٽ جو نوٽيس ورتو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت سان رابطو ڪري ۽ دوائن جي کوٽ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.