پي ٽي آءِ گن پوائنٽ تي ڳالهيون چاهي ٿي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊسمبر جو مهينو شهيد بي بي جي ورسي جي مرڪزي تقريب ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا لکين ڪارڪن ۽ عقيدت مند شرڪت ڪندا ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ پاران هڪ ڊسمبر کان موٽر گاڏي جا انسپيڪٽر ۽ گاڏين جي فٽنيس سان لاڳاپيل نوان ايس او پيز SOPs جاري ڪيا ويا آهن پراڻا فٽنيس سرٽيفڪيٽ هاڻي رد ٿيندا هن  چيو ته چيني سيڙپڪارن صدر زرداري،وڏي وزير ۽ ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن، سنڌ  حڪومت سنڌ پاڪستان جي اڪيلي حڪومت آهي جيڪا پرڏيهي سيڙپڪارن کي هتي گهرائي ڪري سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته عوام کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، حڪومت کي اهڙا ڪم ڪرڻ گھرجن جيڪي عوامي اعتماد ۾ اضافو ڪن هڪ سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ مفاهمت ۽ ڳالهين سان اڳتي وڌڻ چاهيندي آهي، پنهنجي ليڊر جي ڏيڍ سال جي جيل دوران توهان ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو،پي ٽي آءِ وارا ڳالهيون به گن پوائنٽ تي ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي سنڌوءَ تي ڪئنالن جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪري چڪي آهي. اسان جي قيادت ڪڏهن به ڪارڪنن کي تشدد نه سيکاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.