حڪومت پاران اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت، ملڪ پارليامينٽ ذريعي هلندو: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پي ٽي آءِ کي حڪومت سان سياسي ڳالهين جي باضابطه دعوت ڏئي ڇڏي، راڻا ثناءُ الله چيو ته ” اها حقيقت آهي ته هن پارلياماني جمهوري نظام ۾ جيستائين اپوزيشن ليڊر ۽ ايوان جو اڳواڻ پاڻ ۾ ويهي ڳالهه ٻولهه نه ڪندا، تستائين نظام نٿو هلي سگهي، گاڏي کي هلڻ لاءِ ٻئي ڦيٿا ڦيرڻ گهرجن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ سنجيده آهي ته حڪومت کي چوي اسان ڪميٽي ٺاهي آهي، ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسين اسپيڪر کي چونداسين ته وزيراعظم سان ڳالهيون ڪري، بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته گن پوائنٽ تي ڳالهيون نه ٿينديون، مون ڪالهه به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي پر اڃا تائين باضابطا ڳالهيون شروع نه ٿيون آهن، جيڪڏهن سول نافرماني ڪرڻي آهي ته ڪريو، ڌمڪيون ڪم نه اينديون، هاڪاري ردعمل تڏهن ئي اچي سگهي ٿو جڏهن ڪا اڳڀرائي ٿيندي، تلخيءَ سان ڳالهائيندا ته تلخيون وڌنديون، ايئن نه ٿيندو ته حملا ڪريو، سول نافرماني جي تحريڪ هلايو ۽ ڳالهيون به ڪريو، اسان جي هن جنگ ۾ ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، مسئلا افهام تفهيم سان حل ٿيندا آهن ڌمڪين سان نه، سياستدان مسئلا حل ڪرڻ ۽ ڳالهين لاءِ سياسي ٻولي استعمال ڪندا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته ته اسيمبلي ۾ هر وقت اهڙو ماحول هوندو آهي، ڄڻ پهاڄون وڙهي رهيون آهن، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، تيستائين ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ٿي سگهن، جيستائين سياسي قوتون ٽي او آرز تي بحث نه ڪن ۽ پوءِ اسٽيبلشمينٽ سان ٽي او آرز تي ڊسڪس نه ڪن، هنن ڪڏهن به هڪٻئي لاءِ مثبت ڳالهه ناهي ڪئي، ميڊيا ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿي پر هي هتي چون ٿا ته ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، سياستدانن ۾ ٽي او آرز طئي ئي نه ٿيندا آهن، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هي ايوان سياسي رواداري جو نگهبان آهي، شير افضل مروت جو بيان مثبت اشارو آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ اسان جي سياسي ڏاهپ کي ڪمزوري سمجهيو، 90 واري ڏهاڪي ۾ اسان جون پيپلز پارٽيءَ سان تمام گهڻي تلخيون هيون، هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪندا هئاسين پر اختلافن باوجود اڳتي وڌياسين، هڪ ٻئي کي نه چيوسين ته هي اسان جا دشمن آهن، اجلاس دوران اسد قيصر انڪشاف ڪيو ته اسان کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي، چون ٿا ته اسپيڪر سان ڳالهايو ويو آهي، توهان جون استعيفائون قبول ڪندو، جيڪڏهن زوري استعيفيٰ ورتي وئي ته اسيمبلي نه هلندي، اسان ايوان ۾ خاص ڪميٽي ٺاهي هئي، ان هيل تائين ڪهڙا نتيجا ڪڍيا آهن، پنجاب ۾ اسان جي ميمبرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، اسان جي ايم اين ايز کي ڪهڙي قانون تحت هراسان ڪيو پيو وڃي، اسيمبلي ميمبرن کي خود اسٽيبلشمينٽ حڪومت ۽ انتظاميه کان خطرو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته ته اسان کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي، ڊي چوڪ جي خون جو انصاف چاهيون ٿا، سياستدان گوليون نه هلائيندا آهن، ڳالهيون ڪندا آهن، اسان جي دور ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ جا لانگ مارچ ٿيا پر اسان ڪنهن تي گولي نه هلائي، هاڻي اسان کي منافقي ڇڏي قوم لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي، اجلاس دوران وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر وچ ۾ جهڙپ ٿي پئي، ٻنهي هڪ ٻئي تي سنگين الزام هنيا جنهن تي ايوان ۾ گوڙ مچي ويو، راڻا تنوير تحريڪ انصاف کي فاشسٽ قرار ڏيندي چيو ته هنن هٽلر ۽ مسوليني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، هنن سرڪاري وسيلن ذريعي وفاقي حڪومت تي حملا ڪيا، کين غلط ڄاڻ ڏني پئي وڃي ته پنجاب حڪومت ڇاپا هڻي رهي آهي، ٻي پاسي پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته انشاءَ الله، ڳالهين لاءِ رابطا ڪيا ويندا، جيڪو به رابطو ڪرڻ چاهي ان سان رابطو ڪيو ويندو، معاملو تڏهن اڳتي وڌندو جڏهن اسان جي مطالبن تي کليل بحث ڪيو ويندو، اسان جون شڪايتون ختم ڪيون وينديون، اسان پاڻ ڪو به ڪم نه ٿا ڪريون، خان صاحب کان هدايتون وٺون ٿا، انهن هدايتن تي عمل ڪري رپورٽ پي ٽي آءِ باني کي ڏيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.