ڪراچي( نمائندن وٽان) زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان حوالي سان گھارو ۾ جسقم ۽ جساف پاران شھر گھارو ۾ شھيد زاھد ميراڻي جي قتل خلاف پريس ڪلب گھارو تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي ضلعي صدر ايازشاھ جيلاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.هوڏانهن کٿڙ ۾ ملاح برادري جي ماڻهن حاميد ملاح، ناصر علي ميربحر، اعجاز ملاح، رئيس خالد حسين ملاح، محمد ملاح، اختر حسين ميربحر، جبار ملاح، عظيم علي ملاح ۽ سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ڌرتي تي سنڌي نوجوانن جو بيدردي سان قتلام ٿئي رهيو آهي، سنڌين جي ڌرتي سنڌ واسين لاءِ قتل گاهه ڪرڻ جي شازش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مثال ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان زاهد ميراڻي جو قتل آهي، هن کان پهرين به ڪيترائي سنڌي جوان پٺاڻن جي هٿان مارجي چڪا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته قاتل گرفتار ڪيا وڃن.