ڪئنالن تي هن وقت ڪو به ڪم نه پيو ٿئي، معاملو سي سي آءِ ۾ آهي:وڏو وزير

سکر(رپورٽ:آزاد مهر )وڏي وزير مراد علي شاھ سکر ۾ سينٽر فار اٽزم ريھيبليٽيشن اينڊ ٽريننگ سنڌ (سي آرٽز) جي يونٽ جو ربن ڪاٽي نئين افتتاح ڪيو ۽ ڪلاس رومز جو به معائنو ڪيو . وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ مستقل ۽ اعلي معيار واريون آٽزم جون خدمتون فراھم ڪرڻ واري مشن کي اڳتي وڌائڻو آهي ، وڏي وزير ھدايت ڪئي ته اهو ڪمپائونڊ ڊي اي پي ڊي جو آهي، هتان ڪورٽ ۽ نيب جون آفيسون ختم ڪرايو.جڏهن ته  سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته  مون کي خبر ناهي ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جي ڪال ڏني هئي يا واپس وٺي ڇڏي آهي، آئون پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهيان ۽ انھيءَ تي ئي ڌيان ڏئي رهيو آهيان. ھن چيو ته چار ئي صوبا گڏجي ڪري ملڪ جي بھتري لاءِ ڪم ڪن، ملڪ بابت پھرين سوچين، ڪنهن کي جيل ۾ وجھڻ لاءِ نه سوچين،هن چيو ته سنڌ جي پاڻي بابت ڪينالن جو مسئلو سي سي آءِ ۾ آهي ۽ ڪينالن تي هن وقت ڪو به ڪم نه پيو ٿئي،هن چيو ته خاص ڪري تعليم کاتي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ٿي رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي وڊيوز هلي رهيون آهن ته مان نوڪري لاءِ قطار ۾ بيٺو آهيان، ڪچي جي ڪيترن ئي ڏوھارين جو خاتمو ڪيو ويو آهي، ھدايتون ڏئي ڇڏيون آھن  ته ڪچي ۾ ڪليئر ڪرايل علائقن ۾ رستا، اسپتالون ۽ اسڪول تعمير ڪيا وڃن، ٻئي پاسي وڏي وزير سکر دوري جو آغاز پوليو جي خاتمي جي ڊور ٽو ڊور مهم سان ڪيو وزير اعليٰ سنڌ يونين ڪائونسل نيو سکر ۾ گهرن جا دروازا کڙڪائي علائقن واسين کي پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي هدايت ڪئي،جڏهن ته وڏي وزير آءِ بي اي جي اڪيڊمڪ بلاڪ 5 جو افتتاح ڪري ڇڏيو،هن چيو ته  سکر آءِ بي اي يونيورسٽي صوبي ۾ اعليٰ تعليم جا نوان معيار قائم ڪري رهيو آهي، مثبت نتيجا ملڻ تي سنڌ حڪومت آءِ ٽي ڪورسز ۾ سيٽن جو انگ وڌائيندي،ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه،مڪيش چاولا، سکر جو ميئر ارسلان اسلام شيخ، غوث بخش خان مهر، سيد فرخ شاهه، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ نور احمد سميجو سميت ٻيا ڪيترائي معزز ماڻهو موجود هئا. سکر آءِ بي اي اي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته تقريبن 30 سيڪڙو شاگردن جن هن ڪورس کي مڪمل ڪيو آهي، اهي اڳ ۾ ئي روزگار حاصل ڪري چڪا آهن، هر مهيني سٺي رقم ڪمائي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.