هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي ٽن سينيئر ججن مان ٿيندي: قاعدا جاري

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پاران جسٽس جمال خان مندوخيل ڪميٽي جا تجويز ڪيل قاعدا سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب، ججن جي مقررين لاءِ تجويز ڪيل قاعدا عوامي راين ۽ تبصرن لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. 20 ڊسمبر تائين سڀئي تبصرا ۽ رايا جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته 21 ڊسمبر تي جوڊيشل ڪميشن انهن تي غور ڪندي. هاءِ ڪورٽن ۽ وفاقي شرعي عدالت لاءِ ججن جي مقررين جا قاعدا به سامهون آيا آهن، جيڪي آئين جي تحت جج جي حلف ۾ درج معيار موجب آهن. قاعدن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جج طور مقرري لاءِ پيشيوراڻي قابليت، تجربي، قانوني صلاحيت، ڪارڪردگي، ايمانداري، ۽ آزادي کي اهميت ڏني ويندي. جيڪو به اميدوار پنهنجي نامزدگي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو، ان کي جج بڻجڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ نامزدگيون لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي پنج سينئر ترين ججن مان ٿينديون ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ نامزدگي ٽن سينئر ترين ججز مان ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.