اسلام آباد(عمر چيما+منيب فاروق)آمريڪي صدر ٽرمپ جي صدارتي ايلچي رچرڊگرنيل پنهنجي مقرري واري ڏينهن ئي جيو نيوز جي خبر کي ٽيگ ڪندي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته آئون ٻيهر مطالبو ڪندس ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، ذريعن موجب جيڪڏهن ٽرمپ پاڻ به عمران جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ حڪومت تنگ ٿي چوندي ته ٺيڪ آهي اسان عمران خان کي آمريڪا جي حوالي ڪريون ٿا پر ڳالهه اها آهي ته عمران خان ٻاهرين ملڪ ويو ته هن جي سياست ختم ٿي ويندي ۽ هو پاڻ به ٻاهرين ملڪ وڃڻ نٿو چاهي،عمران خان مقبول اڳواڻ آهي هو سياسي ڌرين سان ڳالهائي عظيم بڻجي سگهي ٿو ۽ ٻيهر وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو،ڳالهيون خود هن جي هٿ ۾ آهن، عمران پنھنجي تازي بيان ۾ جنرل عاصم منير کي جنرل ڊائر سان ڀيٽيو آھي ۽ کيس وقت جو يزيد سڏيو آھي گڏوگڏ ان جي اھا بھ خواھش آھي تھ ڳالھيون بھ ٿين. تھ پوءِ ڪھڙي بنياد تي ڳالھيون ٿينديون.عمران وڌيڪ چيو تھ مون کي اڳواڻن ٻڌايو آھي تھ جيڪي 12 شھيد آھن سي مغرب کان اڳ ۾ انھن کي شھيد ڪيو ويو. سوا ل آھي تھ اھي لاش ڪٿي آھن ۽ شاھد ڪٿي آھن. موبائل فون تھ ھر ڪنھن وٽ آھن ايترن ماڻھن جي ھوندي ڪا بھ شاھدي نھ آئي آھي. خبر اھا آھي تھ 9 مئي واري ڪيسن جو جيستائين فيصلو نھ ٿو ٿئي عمران خان کي نھ رعايت ملي رھي آھي نھ وري ان کي ڇڏيو پيو وڃي.رچرڊ گرينيل کي ھينئر عمران جي آزادي لاءِ اميد قرار ڏنو پيو وڃي ھاڻي ٻھ ڳالھيون ٿينديون يا ٽرمپ عمران کي آزادي ڏياريندو يا وري ھتان وارا چوندا تھ عمران کي سزا اچي وئي آھي سو اسان ان کي نھ ٿا ڇڏي سگھون. اگر ڪو اھڙو وڏو واقعو ٿئي ٿو جيڪو پوري ملڪي صورتحال کي تبديل ڪري تھ ڪجهه چئي نھ ٿو سگجھي. اھا بھ ڳالهھ ڪئي پئي وڃي تھ گنڊاپور اگر ھاڻي نھ سڌريو تھ ان کي سبق سيکاريو ويندو. ٻئي پاسي حڪومت معاشي حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي ۽ ھن ئي سرڪار جي ھوندي ايندڙ سال معاشي حالتون وڌيڪ بھتر ٿي وينديون. ۽ عمران لاءِ حالتن ۾ تبديلي جو ڪو بھ في الحال امڪان ناھي.