ڀٽائي جو فڪر سنڌ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو:ساڃاهه وند

عمرڪوٽ(مصطفيٰ مهر) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي عمرڪوٽ ڪئمپس جي ميزباني ھيٺ ”ڀٽائي جي امن، ڀائيچاري، سھپ ۽ مذھبي رواداري ۽ ماحول” جي موضوع تي ٻڌل ڪانفرنس ۾ مختلف ويھڪون  ٿيون، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪمزور ماڻھن جي نمائندگي ڪئي آھي، امن، سھپ، مذھبي رواداري ۽ بھتر ماحول سڀني ماڻھن جي لاءِ آھي، ان ڪري اسان کي اھڙي سوسائٽي جوڙڻ گھرجي، جيڪا سڄي سماج جي لاءِ قابل قبول ھجي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر راڻا ھمير سنگهھ سوڍي چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي ھڪ پالڻھار جي ڳالھه ڪري ٿو، جڏھن اسان خدا کي سمجھي ورتوسين ته اسان ۾ پاڻ مرادو سھپ، امن ۽ مذھبي رواداري پيدا ٿي ويندي، سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي عورت کي ڪمزور نه پر مضبوط ڪردار طور پيش ڪيو آھي، قوم تي جڏھن وقت آيو ته ڀٽائي جدوجھد لاءِ اتساھيو آھي، ناليواري اديب ۽ لطيف جي پارکو نور احمد جھنجھي چيو ته ماڻھن جي جوڙيل نظرين جي تضاد جي ڪري بحران پيدا ٿيا آھن، ان ڪري ڪمزورن جو استحصال نه ٿيڻ گھرجي، ماڻھن کي بحران مان شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو فڪر ٻاھر ڪڍي سگھي ٿو، ناليواري اديب مير حسن آريسر چيو ته ڀٽائي تي اڃان تائين اھا تحقيق ناھي ٿي سگھي، جيڪا ٿيڻ گھرجي، اڄ جي سنڌ ڏکئي دور مان گذري رھي آھي، ان کي ھڪ دفعو وري ٻيھر لطيف جي ضرورت آھي، ڪانفرنس بابت نعيم بروھي بريفنگ ڏني، جڏھن ته پروگرام جي ڪاروائي امتياز نور ڪنڀر، زاھد ڪاڪا ۽ صائما ڀٽو ھلائي، جڏھن ته سيد علي بابا شاھ، نامياري راڳي شفيع فقير ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي ميرپوخاص يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ڪي ايس ناگپال، سردار ڀيو، غلام مصطفيٰ کوسو، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀر، مجيد مڱريو، شيوارام سوٽھڙ سميت ڪانفرنس ۾ سميت وڏي تعداد ۾ شاھ جي پارکو، اديبن، دانشورن ۽ محققن جي شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڪانفرنس جي شروعات ۾ امن جا پکي اڏائي ابتدا ڪئي وئي، ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي ڊاڪٽر بشارت لنجواڻي، شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي. ٻئي طرف نامياري راڳي شفيع فقير کي صادق فقير ايوارڊ ڏنو ويو،پھرين پينل ڊسڪشن دوران ڳالھائيندي نامياري ليڪکا امر سنڌو چيو ته نوجوانن کي ان ڳالھ تي جاکوڙ ڪرڻ گھرجي ته  ڀٽائي دور ۾ ڪھڙا چيلينجز ھئا ۽ لطيف ان لاءِ ڇا ڪيو، ھن چيو ته ھن مادي ترقي جي دور ۾ آرٽيفشئل انٽيليجنس جي ھجڻ جي باوجود لطيف جو اثرائتو ڪردار موجود آھي، ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو چيو ته اسان وٽ ڀٽائي کي پڙھڻ جو رجحان ناھي رھيو، اسان جو نوجوان سمجھي ٿو ته لطيف جي ٻولي ڏکي آھي، دراصل اسان پنھنجي ٻولي کان پري ٿي ويا آھيون، ڊاڪٽر حسين مسرت چيو ته سنڌ جي نصاب ۾ لطيف کي پڙھايو نه ٿو وڃي، صرف چند شعرن سان لطيف کي نه سمجھي سگھبو، اصل ۾ لطيف مذھبي رواداري ۽ نوجوانن کي اڳتي وٺڻ جي ڳالهھ ڪري ٿو، ان ڪري سنڌ جي سڄي نصاب کي جديد گھرجن پٽاندڙ تبديل ڪرڻو پوندو،  نوجوان صحافي ستار سروھي پينل دسڪشن جي ماڊريٽر جا فرضَ انجام ڏنو. مذھبي رواداري ۽ سھپ جي حوالي سان رٿيل ٻئي پينل ڊسڪشن کي خطاب ڪندي مرزا قليچ چيئر جي ڊائريڪٽر نواب ڪاڪا چيو ته اسان جي خوشنصيبي آھي ته اسان جي پنھنجي ٻولي ۾ دنيا جو عظيم مفڪر شاھ عبدالطيف ڀٽائي موجود آھي نامياري آرٽسٽ حسام ميراڻي چيو ته ڀٽائي ڪرت وارن ڪردارن کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي، نوجوانن کي ڀٽائي کي عقيدي واري ڪردار بجاءِ عملي سوچ رکندڙ ڪردار طور قبول ڪرڻو پوندو، جلال ڪوري چيو ته  ڀٽائي سڀني مذھبن جو گڏيل نياپو ڏنو آھي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.